نصيرآباد ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو
نصيرآباد (رپورٽر) نصيرآباد ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ذوالفقارعلي اوڍاڻو ارباب علي عبدالمنان ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل ھڪ ھفتي کان آبپاشي عملدارن مختلف شاخن ارٿر بئراج مڱيو شاخ ۽ ٻين شاخن جو ھٿ وٺي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري ھن وقت اسان جو تازو پوکيل سارين جو ٻيجارو سڙي رھيو آھي جنھن ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو
آبپاشي کاتي جي انجنيئر عزيز رحمان مٿان جي آبادگارن کان لکين روپيا رشوت وٺي دروازن کي ڦٽا ۽ ڇاٻون ھڻي پاڻي وڪرو ڪرائي ٿو ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ارٿر بئراج مڱيو شاخ سميت ٻين شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
جُولاءِ 22, 2024