سڪرنڊ: ٻوڏ کان اڳ رد عمل دوران ٿيندڙ منصوبہ بندي بابت تربيتي ورڪشاپ منعقد
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سماجي تنظيم نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم (اين ڊي ايف) ڪوريا شي فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ کان اڳ رد عمل دوران ٿيندڙ منصوبہ بندي بابت تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو. ورڪشاپ دوران مقرر مهمانن عابد لاشاري صدر اين ڊي ايف، اڪرم خاصخيلي صدر هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن، ايڊووڪيٽ لال چند، طارق حسين چنڙ، عاصمه منير ۽ ٻين چيو ته امڪاني آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبا تيار ڪيا ويندا آهن.
جيئن خطرات ۽ معاشرتي طبقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اھي ضروري اپاءُ وٺي سگھجن. هي فعال قدم زندگين جي حفاظت ۽ هنگامي حالتن جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ تمام اثرائتو قدم ھوندو آھي.
جيئن ته اسان قدرتي آفتن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ھر وقت تيار رھون. سماجي تنظيم اين ڊي ايف پاڪستان مضبوط امڪاني قدمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.
جيڪي مقامي آبادي جي ڀلائي ۽ حفاظت کي اوليت ڏين ٿا. مقررين سڀني واسطيدار ادارن کي اپيل ڪئي ته هو محتاط ۽ تيار رهڻ جي امڪاني بحران جي وقتائتي منصوبہ بندي ڪرڻ دوران معذورن جي شموليت کي يقيني بڻائين. مقررين ضلعي ۽ صوبائي ٻوڏ بابت قائم اٿارٽيءَ DDMA ۽ PDMA تي زور ڀريو ته هو ڪانٽينجنسي پلان ۾ معذور ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائين ته ايمرجنسي دوران معذور ماڻهن لاءِ قدرتي آفتن کان اڳواٽ احتياطي قدم کنيا وڃن.
اين ڊي ايف قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيل تياري ۽ عمل تي معاشري کي معلومات ڏيڻ لاءِ عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي آھي.
اين ڊي ايف زور ڀريندي چيو ته بروقت الرٽ ۽ صلاحون مهيا ڪرڻ لاءِ پهچندڙ ابتدائي ڄاڻ جو نظام قائم ڪيو وڃي. اين ڊي ايف حڪومتي ادارن، اين جي اوز، ۽ مقامي اختيارين سان شراڪت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اختيارين سان تعاون جي گھر ڪئي ته جيئن آفت جي رد عمل ۽ بحالي ۾ گڏيل ڪوششون يقيني بڻائي سگھجن. ورڪشاپ ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن پنهنجي علائقي ۾ وڻن جي واڍي روڪڻ ۽ شجرڪاري ڪرڻ جو عزم ڪيو.
جُولاءِ 20, 2024