ملير : لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي ملازم جي مبينا آئوٽ آف ٽرن پروموشن سبب ملازم مايوسي جو شڪار
ملير (ڊ ر ) لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي ملازم جي مبينا آئوٽ آف ٽرن پروموشن سبب ملازم مايوسي جو شڪار ، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن صفوران ٽائون ۾ مقرر ميونسپل ڪمشنر منور ملاح جي مقرري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان بڻجي وئي ،
هٿ آيل سرڪاري ڪاغذن موجب منور ملاح ڊسمبر 1995 ۾ اداري ۾ ڀرتي ٿيو ،جڏهن ته مارچ 2011 ۾ يونين ڪائونسل قائدآباد بن قاسم ٽائون مان بطور يوسي سيڪريٽري BPS7 جون پگهارون حاصل ڪيون ،
ٻئي پاسي موجوده لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران جاري سينيارٽي لسٽ موجب منور ملاح کي 27 ڊسمبر 2011 تي گريڊ 16 ۾ ترقي ڏني وئي ۽ جنوري 2019 ۾ 17 گريڊ تي ترقي ڏني وئي ، 2012 ۽ 2013 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آئوٽ آف ٽرن پروموشن ختم ڪري ڇڏيا هئا ڪجھ مهينن بعد گريڊ 7 کان گريڊ 16 تائين پروموشن اداري جي شفافيت تي سواليا نشان پيدا ڪري ڇڏيا آھن ۔
ملازم تفصيل موجب لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي ملازم جي مبينا آئوٽ آف ٽرن پروموشن سبب ملازم مايوسي جو شڪار ، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن صفوران ٽائون ۾ مقرر ميونسپل ڪمشنر منور ملاح جي مقرري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان بڻجي وئي ،
هٿ آيل سرڪاري ڪاغذن موجب منور ملاح ڊسمبر 1995 ۾ اداري ۾ ڀرتي ٿيو ،جڏهن ته مارچ 2011 ۾ يونين ڪائونسل قائدآباد بن قاسم ٽائون مان بطور يوسي سيڪريٽري BPS7 جون پگهارون حاصل ڪيون ملازمن مبينا الزام مڙھيندي چيو آھي ته موجوده لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران جاري سينيارٽي لسٽ موجب منور ملاح کي 27 ڊسمبر 2011 تي گريڊ 16 ۾ ترقي ڏني وئي ۽ جنوري 2019 ۾ 17 گريڊ تي ترقي ڏني وئي ، 2012 ۽ 2013 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آئوٽ آف ٽرن پروموشن ختم ڪري ڇڏيا هئا
ڪجھ مهينن بعد گريڊ 7 کان گريڊ 16 تائين پروموشن اداري جي شفافيت تي سواليا نشان پيدا ڪري ڇڏيا آھن لوڪل گورنمينٽ بورڊ جون اهڙيون مهربانيون سينيئر ملازمن جي حقن کي ڌاڙو ، پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار بڻائي ڇڏيو وڏي وزير سنڌ ، بلديات واري وزير ۽ لاڳاپيل کاتي کان معاملي تي فوري نوٽس وٺي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.
جُولاءِ 19, 2024