سموري ملڪ جيان نوشھروفيروز ۾ به محرم الحرام جي جلوسن ۽مجلسن جو سلسلو جاري

Spread the love

نوشھرو فيروز  (رپورٽ:محمد عادل عباسي)  سموري ملڪ جيان نوشھروفيروز ۾ به محرم الحرام جي جلوسن ۽مجلسن جو سلسلو جاري نوشھرو فيروز جي سڀني ننڊن وڏن شھرن ۾ امن امان جي صورتحال بھتر آھي

 سموري ضلعي ۾ پوليس ۽ ريبجرز جا جوان گشت ڪري رھيا آھن ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاء پوليس۽ رينجرز الرٽ آھي ۔

ڪمشنر شھيد بينظير آباد سيد سجاد حيدر ۔ڊي آء جي شھيد بينظير آباد پرويز احمد چانڊيو ڊي سي نوشھرو فيروز ارسلان سليم ۔ايس ايس پي نوشھرو فيروز ڪيپٽن رٽائرڊ صدام حسين خاصخيلي  مورو ۽ ڦل شھر جو دورو مختلف امام بارگاھن ۽ روٽن جو معائنو ڪري ھنن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ضلعي ۾ امن امان کي بھتر رکڻ لاء پوليس ۽ رينجرز کي الرٽ رکيو آھي آھي جيئن ضلعي اندر ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگهي۔

جُولاءِ 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو