اهڙا حڪمران ڪيئن مسڪين ماڻهن جي حالت سڌاريندا !

Spread the love

حافظ سڪندر تنيو

چيو ويو هيو ته اليڪشن کان پوءِ ٽي سئو يونٽ تائين بجلي ٻاريندڙ کان بل نه ورتو ويندو، هاڻي ٽي سئو يونٽ ته ڇڏيو، پر ماڻهن کي ٽيهھ يونٽ جي به معافي ڪونه ٿا ڏين، ويتر آرڊر جاري ٿيو آهي ته، بجلي جي چوري بند ڪرائڻ ، بلن جون رهتون فوجي ڀائر بندوق جي زور تي ماڻهن کان وصول ڪندا. بجلي ايتري مهانگي ڪئي ويئي آهي، جو غريب پورهيت ۽ ننڍڙي ملازمت ڪندڙ ماڻهو سڄي مهيني جي ڪمايل موڙي بجلي وارن کي ڏيئي ٿو ڇڏي، بل ۾ رڳو ان جي استعمال جا پيسا لڳل هجن تبه ٺيڪ ٿئي ها. پر بجلي جو بل ڄڻ واپار جو ڪارخانو بڻايل آهي، جو ٽي وي فيس، سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس، ميٽر پنهنجو خريد ڪيل تي ميٽر جو ڀاڙو، سروس ٽيڪس ۽ ٻيا انيڪ ٽيڪس لڳائي بل جو وزن وڌيڪ ڪيو ٿو وڃي. هاڻي جيڪو غريب وس کان وڌيڪ ايندڙ بل لاءِ دانهن ڪندو ته بندوق وارا ڀائر گهلي کيس جيل ۾ واڙيندا. وري ڏٺو وڃي ته بجلي جي چوري گهڻي تعداد ۾ فورسز وارا ئي ڪن ٿا، فوجي آفيسر، رينجر آفيسر، پوليس آفيسر،واپڊا جا آفيسر، سول آفيسر جن جي آفيسن ۾ لا تعداد ايئر ڪنڊيشن، پکا، بلب ضرورت نه هوندي به رات ڏينهن ٻرندا رهندا آهن، پر ڪهڙي واپڊا جي آفيسر کي نوڪري وڃائڻي آهي جو سندن ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيندو.

چيو ٿو وڃي ته ماڻهو ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڪري ٽيڪس لڳائڻا پون ٿا، جيڪڏهن ايمانداري جي اک سان ڏسجي ته آئون جن معززين جا نالا لکي آيو آهيان، سي پاڻ ئي ٽيڪس ڪونه ٿا ٿين، رڳو لٺ مسڪين ماڻهن جي مٿان پئي ٿي وسي. جيڪو نڪو هاڻي ٻچن کي پڙهائي ٿو سگهي، نڪو چڱي چوکي خوراڪ کائي ٿو سگهي، ماڻهو ٻن ويلن ماني لاءِ پريشان ٿا ڏسجن. ٽيڪس عوام ئي ته ڏئي ٿو، صابڻ تي ٽيڪس، لوڻ مرچ تي ٽيڪس، باهه ٻارڻ جي باڪس تي ٽيڪس، ٻيڙي ڇڪڻ تي ٽيڪس، سگريٽ جي سُوٽي هڻڻ تي ٽيڪس، سج کان تپش وٺندي سولر پليٽ تي ٽيڪس، پينشنر تي ٽيڪس، حاضر سروس نوڪري ڪندڙ ملازم تي ٽيڪس، ٿڌي پاڻي جي فرج تي ٽيڪس، اهي رڳو زندگيءَ جي ضرورتن واريون شيون آهن تن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي.ماڻهو ويچارو ايترو مونجهھ ۾ وڪوڙيل آهي جو مرڻ سندس وس ۾ هجيس ها ته ملڪ جو اڌ ماڻهن جو مرڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.

تازو هڪ واقعو سنڌ ۾ ٿيو آهي جو هڪ شخص پنهنجي پندرهن ڏينهن جي ڄاول ٻار کي علاج نه ڪرائڻ سبب جيئرو پوري ڇڏيو آهي. هيتريون ساريون سرڪاري اسپتالون سنڌ ۾ آهن، ڪروڙن روپين جي بجيٽ کين ڏني ٿي وڃي پر غريبن جي ٻارڙن لاءِ بخار کنگهھ لاءِ پيناڊول ٽڪي نٿي مليس. هڪ خبر اڄ پڙهيم ته ڪائي پراپرٽي وڪڻڻ لاءِ سيل سرٽيفڪيٽ جي فيس پنجاه روپين مان وڌائي هڪ هزار ڪئي ويئي آهي. ننڍن دوڪاندار تي وري بجلي جو اگھه وڌايو ويو آهي، هتي گهڻائي ننڍن دوڪاندارن جي آهي جيڪي ننڍڙي ڪاروبار مان مشڪل سان پيٽ گذارو ڪن ٿا. تن مٿان ڳرا بل مڙهيا ويا آهن، جڏهن ته صنعتڪار ان وڌايل بلن کان بچايا ويا آهن.جو صنعتون سڀ وڏي صوبي ۽ وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ رهندڙن وٽ ئي آهين.

حڪومت ملڪ جا سڀ ادارا بصر، پٽاٽن، جيان واڪ ڏياري وڪڻي رهي آهي، جن ۾ ايئرپورٽ، سامونڊي گوديون، سامونڊي ٻيٽ، هوائي جهاز، بندرگاه، پاور هائوسز، اسٽيل مل، ريلوي، فون کاتو ۽ ٻيا سوين ادارا نيلام ڪري رهي آهي.

تازو وري ھڪ نئين ۽ عجيب خبر ٻڌي سين ته سنڌ حڪومت گاڏين (ڪارن) جي نمبر پليٽن جي نيلامي واڪ ذريعي ڪئي آهي، جنهن ۾ پهريون نمبر ملندڙ هڪ ڪراچيءَ جي ويٺل مزمل ڪريم نالي شخص کي ڏھ ڪروڙ روپين ۾ ڏني ويئي آهي، ساڳئي ماڻهو کي ستون نمبر پليٽ چئن ڪروڙ سٺ لکن ۾ ڏني ويئي، يعني هڪ ماڻهو رڳو ٻن نمبر پليٽن لاءِ چوڏه ڪروڙ سٺ لک روپيا ڏيئي پليٽون ورتيون آهن. پنجون نمبر پليٽ پنج ڪروڙ ٽيهھ لک، اٺون نمبر چار ڪروڙ ڏه لک، نائون نمبر چئن ڪروڙن ۾ ٻولي ڏيئي ورتي ويئي آهي، اهڙي طرح چاليھ نمبر پليٽون ستر ڪروڙ روپين ۾ وڪيون ويون آهن. ان نيلامي ۾ ايڪسائيز آفيسر، انڪم ٽيڪس آفيسر، ايف آءِ اي آفيسر، نيب جا آفيسر صاحب پڻ ويٺل هئا، پر ڪنهن کي جرئت نٿي آهي، جو انهن ماڻهن ڏي نوٽيس موڪلين، ته ڀائي صاحب! ايترو پيسو اوهان ڪهڙي سون جي کاڻ مان ڪڍي کڻي آيا آهيو. اوهان جي انڪم ٽيڪس جو رڪارڊ ته ٻڌائي ٿو ته اوهان اُٺ جي وات ۾ جِيري جي ذري جيترو داڻو مس ڏيو ٿا.

وري هڪ ٻيو قصو ڪهاڻين جي زينت بڻيل آهي ته سنڌ جي هڪ وزير صاحب پٽ جي وهانءَ جي خوشي ۾، اربين روپيا ناچڻين مٿان گهور ڪري ورهايا آهن، ان ۾ رڳو وزير صاحب نه پر سندس کاتي جا ڪمائو ڪامورا، گڙنگ وڏيرا، اسيمبلي جا ممبر صاحب پڻ شامل هوندا، ڇا اهڙا ماڻهو هن سنڌ جي مسڪين ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالت سڌاريندا، هڪ وڊيو هڪ صحافي صاحب جي ڏٺي سين، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته روزانو ڊفينس ڪراچيءَ جي ٻن بنگلن تي نوٽن سان ڀريل گاڏيون سرڪاري پروٽوڪول ۾ اينديون آهن، جتي سڀني صاحب لوڪن لاءِ ونڊ ورهاست ڪري کين پنهنجو حصو پتي پهچايو ويندو آهي، هوڏانهن ماڻهن جو حشر هي ٿيو آهي جو اولاد کي جيئرو پوري رهيا آهن.

سنڌ ۾ لا قانونيت جو راڪاس سالن کان گهمندو ٿو رهي جيڪو جهپڙ ۾ اچيس ٿو. انکي ڳهي ٿو ڇڏي، صحافي جو ڪم هوندو آهي ته ماڻهن کي سچيون خبرون ڏيڻ ان سچ ٻڌائڻ تي صحافي نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو، ان جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ٿيو، جنهن م وزير صاحب اچي اعلان ڪيو ته قتل ۾ نامزد ٿيل ٻه وڏا ماڻهو، هڪ ايم اين اي، ٻيو سندس پٽ ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين آهي، تن کي عهدن تان لاٿو ويندو، هڪ ڄڻي کي هٽائڻ جو آرڊر سسپنڊ ڪرڻ وارو ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته سسپنڊ ٿيل ماڻهو ڪجھه ڏينھن کان پوءِ بحال پڻ ڪيا ويندا آهن، ۽ هي پڻ بحال ڪيو ويندو. اهڙي طرح ٿيڻ هي گهربو هيو ته ٻنهي ماڻهن کان استعفائون ورتيون وڃن ها، سندن جاءِ تي ٻيا مانھو آندا وڃن ها، پر ايئن ٿي نه سگهيو، سو هن ملڪ جا ماڻهو وڏي مونجهاري ۾ ورتل آهين، شل ڪوئي سندن داد فرياد ٻڌڻ وارو خدا جو ٻانهو حڪمران اچي وڃي، باقي نته هتي حڪمران پاڻ زميني خدا جي منصب تي ويٺل آهن.

جُولاءِ 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو