سکر : جماعت اسلامي ضلعي پاران واڌو بلنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي ڪئمپ قائم
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) جماعت اسلامي ضلعي سکر پاران واڌو بلنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ضلعي امير مولانا حزب الله جکرو۔سٽي اميرزبير حفيظ شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري سيپڪو انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جماعت اسلامي پوري ملڪ ۾ بجلي جي واڌو بلنگ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشينگ خلاف سراپا احتجاج آھي هڪ طرف ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آيل آھي ته ٻئي پاسي حڪمران روزانو نوان نوان ٽيڪس لڳائي عوام کي جيئڻ لائق ئو ناهي ڇڏيو
واڌو بل اچڻ سبب غريب ماڻھون سخت پريشان آھي جڏهن ته بجلي جي واڌو لوڊ شيڊنگ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي 300 يونٽ فري ڏيڻ واري اعلان تي عمل ڪرڻ بجاء هڪ سئو يونٽ استعمال ڪندڙ بجلي صارفين ڏاهن هزارين رپين جا بل موڪليا پيا وڃن جيڪو شرمناڪ عمل آھي
جيڪڏهن حڪمرانن بجلي جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪرڻ سميت لوڊ شيڊنگ جو خاتمو نه ڪيو ته عوام مجبور ٿي اسلام آباد جو رخ ڪندو۔مظاهرين مطالبو ڪيو ته آء ايم ايف جي عوام دشمن پاليسين تي عمل ڪرڻ بجاء عوام کي سستي بجلي جي فراهمي لاء قدم کنيا وڃن.
جُولاءِ 12, 2024