سکر: ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي واسي ڳوٺاڻن سان ظلم, زمينن تي قبضا، گھرن تي چڙھايون
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڪشمور ضلعي جي تنگواڻي واسي ڳوٺاڻن سان ظلم, زمينن تي قبضا, گھرن تي چڙھايون, پاڪ ڪتاب کڻي سکر پھچي ويا,وڏيرن جي ظلمن خلاف دانھون, سکر پريس ڪلب آڏو تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ محمد امين نندواڻي جي رھواسي ڳوٺاڻن علي نواز نندواڻي, بشير احمد مسمات بچان خاتون معصوم ٻارڙن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو تہ علائقي جو بااثر وڏيرو غلام اڪبر بجاراڻي عبدالفتاح عرف انور علي ء ٻيا اسان جي ديھ ٻيگھو م 64 جريب زمين تي زبردستي قبضو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. اسان جي گھرن تي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.
ھنن چيو تہ زمين اسان جي ابن ڏاڏن جي آھي جنھن جا پڪا کاتا اسان وٽ موجود آھن. عدالت م ڪيس بہ ھلندڙ آھي. بااثر ماڻھو اسان کي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.
مظاھرين وزير اعلي سنڌ, آء جي سنڌ ڪمشنر لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڊي سي ڪشمور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ زمين تان قبضو ختم ڪرائي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ء تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 9, 2024