سانگهڙ : 2478 پوليس افيسر ۽ اهلڪار جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ عاشورا محرم جي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام، 2478 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر،،

 سانگهڙ ضلعي ۾ پوليس پاران عاشورا محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجالس جي سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، 2478 پوليس افيسر ۽ اهلڪار جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آھن.

 ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو موجب عاشورا محرم الحرام جي موقعي تي امن امان برقرار رکڻ ۽ 591 ماتمي جلوسن ۽ مجاليس، 74 امام بارگاهن ۽ 11 تعزيه جي جلوسن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جامع سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي،

جنهن تحت 2 هزار 4 سئو 78 پوليس افيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي ڊيوٽي تي هوندا، ماتمي جلوسن، مجلسن، امام بارگاهن ۽ حساس هنڌن تي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي سڄي ضلعي دخلي و خارجي رستن تي اسنيپ چيڪنگ ۽ گشت ۾ اضافو ڪيو ويو آهي،

جنهن لاءِ ضلعي پوليس جا 53 موبائل ۽ 100 موٽرسائيڪلن تي اهلڪار ڊيوٽي ڪندا. جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ ايمبولينس، فائر برگيڊ جون گاڏيون ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون گاڏيون به موجود هونديون.

جُولاءِ 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو