دادو:  پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي سڏ تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي سڏ تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن پريا ڪماري ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هٿن ۾ پلي ڪارڊ۽ بينر کڻي سخت گرمي ۾ دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،

مظاهرين جنهن ۾ اعجاز ملڪاڻي، عبدالحميد ميمڻ، نياز چانڊيو، دانش خشڪ، منصور پنهور، سڪندر علي کوکر، معشوق زئنور، سراج سومرو، سڄڻ کوکر، آفتاب پنهور، مدثر وگهيو، احمد باغي ملاح، رضوان لغاري ۽ ٻين چيو ته عيد اچي وئي آهي

پر پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي لڳ ڀڳ 3 سال جو عرصو پريا ڪماري جي ڳولا ۾ لڳي ويو آهي ڪيترائي ايس ايس پي دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته پريا ڪماري جي آزادي کي ممڪن بنايو ويندو، هوڏانهن سنڌ ۾ صحافين لاءِ مقتل گاهه ٺاهيا ويا آهن

هر روز صحافين خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن احتجاج ڪندِڙ مظاهرين وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر شهيد صحافي جان محمد ۽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنجيدگي اختيار ڪن معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي ۾ هاڻي دير برداشت کان ٻاهر ٿيندي وڃي ٿي.       

جُولاءِ 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو