ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل سميت 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

Spread the love

ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن دوران انعام يافته بدنام ڌاڙيل سميت 2 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور دعويٰ ڪئي آهي ته دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران ددڙ پوليس پڪٽ تي حملو ڪندڙ گينگ جو مک سربراهه امداد عرف امدو ڀيو هڪ ساٿي سميت مارجي ويو

مارجي ويل بدنام ڌاڙيل امداد ڀيو  50 ڪيسن ۾ گهربل هو،  سندس سر تي هڪ ڪروڙ رپيا سفارش ٿيل هئي، پوليس ڏوهاري امداد ڀيو کي اڄ سندس ساٿي سميت انجام تائين پهچائي ڇڏيو آهي، پوليس سان مقابلي ۾ 4 ڏوهاري زخمي به ٿي پيا

جُولاءِ 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو