گمبٽ : وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران نٽهڻ اس ۾ احتجاج

Spread the love

گمبٽ(رپورٽر) گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران نٽهڻ اس ۾ پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو، ٿيل ڏوھ واپس ڪرائڻ جو مطالبو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي زاهد شنڀاڻي،محبت خان، ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گمبٽ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي.

شهرين جي گھرن، دڪانن مان ڏوہ ٿيڻ ۽ شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن. بدامني سبب شهري سخت پريشان آهن. مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ ڏوهاري بي خوف ٿي شهر مان ڏوهي وارڌاتون ۽ چوڙيون ڪن ٿا.

احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ ۾ امن بحال ڪرائي شهرين کي سڪون سان رهڻ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُولاءِ 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو