گهوٽڪي ۾ سانوڻي جي برساتن دوران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ضلعي گهوٽڪي ۾ سانوڻي جي برساتن دوران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار، ميونسيپل ڪاميٽين کي ڊيوارٽنگ پمپ ۽ ضروري مشينري فعال ڪرڻ جون هدايتون جاري،

آبپاشي کاتي جا عملدار حفاظتي بندن جي نگراني ڪندا. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪاميٽي روم امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ پاڪ آرمي ۽ رينجرز جي عملدارن سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، آبپاشي، صحت، لائيواسٽاڪ ۽ ميونسيل کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته سانوڻي جي برساتن دوران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جا عملدار ضلعي جي حفاظتي بندن جي نگراني ڪن جڏهن ته ميونسيپل کاتي جا عملدار ڊيوارٽنگ پمپن سميت سموري مشينري فعال ڪن ته جيئن برساتن سبب شهرن مان امڪاني ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪري سگهجي

ان سلسلي ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي، امڪاني برساتن دوران ميونسيپل توڙي آبپاشي کاتي جي ملازمن کي موڪلون نه ملنديون انڪري لاڳاپيل عملدار بهتر حڪمت عملي تيار ڪن ته جيئن امڪاني ٻوڏ دوران مڪشلاتون پيش نه اچي. ان موقعي تي هن ڊي ايڇ او ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته امڪاني ٻوڏ دوران متاثر ماڻهن توري چوپائي مال کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.

جُولاءِ 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو