ڪراچي سچل ڳوٺ جي  ڪمرشل ۽ رھائشي پلاٽن تي بااثر پاران قبضي خلاف پيرسن زبيدا لنڊ  جو احتجاج

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي سچل ڳوٺ جي  ڪمرشل ۽ رھائشي پلاٽن تي بااثر ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙي روينيو وارن سان ڪوڙا کاتي ٺھرائي قبضو ڪري ڇڏيو آھي دانھڻ تي مون کي ۽ منھنجي پٽن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي

 آء جي سنڌ کان انصاف جي گھر ڪيان ٿي بيواھ پيرسن عورت زبيدا لنڊ جي ڪراچي اوڀر پريس ڪلب ۾ احتجاج، انصاف جي گهُرخبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ جي رھواسڻ بيواھ عورت زبيدا لنڊ ضلعي اوڀر پريس ڪلب ڪراچي ۾ احتجاج ڪندي صحافين کي دانھيندي ٻڌايو سچل ڳوٺ ۾ منھنجي ۽ پٽن جي ليز ٿيل ڪمرشل ۽ رھاشي پلاٽن تي بااثر ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙي روينيو وارن سان ملي ڀڳت ڪري جعلسازي سان اسان جي ليز پلاٽن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ھاڻي انھن پلاٽن تي هٿياربند ويهاري قبضو ڪري ڇڏيو آھي

 جنھن جي خلاف دانھڻ تي بااثر مون کي ۽ منھنجي پٽن کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي جنھن سبب ھاڻي منھنجي پٽن جي زندگين کي خطرو آھي پيرسن بيواھ عورت زبيدا لنڊ چيف جسٽس هائي ڪورٽ، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايڊيشنل آء جي ڪراچي، ڊي آء جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي اوڀر کان گھر ڪئي آھي تـ بااثر خلاف ڪارروائي ڪري پلاٽن تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنگين قدم کئڻ تي مجبور ٿي ويندس جنهن جو ذميوار ساڳيو بااثر شخص هوندو.

جُولاءِ 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو