سکر: پراڻي سکر جي سنڌو دريا ۾ زيرو پوائنٽ وٽ وھجھندي ٻڏي ويل ٻارڙي جي تلاش جاري
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي )پراڻي سکر جي سنڌو دريا ۾ زيرو پوائنٽ وٽ وھجھندي ٻڏي ويل ٻارڙي جي تلاش جاري.ريسڪيو 1122 جي ٽيم پاران 24 ڪلاڪن کان درياء ۾ ٻڏي ويل ٻارڙي اسد الله عرف ڪلو شيخ جي ڳولها ڪري پئي۔
ان سلسلي ۾ سنڌو درياھ زيرو پوائٽ وٽ وهنجندي ٻڏي ويل پراڻي سکر جي هواسي ڏھ ورهين جي نينگر اسدالله شيخ جو 24 ڪلاڪن کان ڳولها جاري ريسڪيو 1122 جي ٽيم گزري 30 ڪلاڪن کان سنڌو درياھ ۾ٻيڙي ذريعي ٽوٻن جي مدد سان ڳولها ڪري پئي پر ۔۔۔اسدالله شيخ هٿ نه اچي سگهيو آھي۔
نينگر جي درياھ ۾ٻڏي وڃڻ سبب سندس گهر ۾ ڪهرام متل آھي امڙ ۽ گهر ڀاتي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي سندس سلامتي لاء رب کي ٻاڏائڻ لڳيون۔واضح رهي ته گزريل ڏينهن صبح جو دوستن سان گڏ قادرپور ٿاڻي لڳ زيرو پوائٽ وٽ سنڌو درياھ ۾ وهجندي ٻڏي ويو هو جنهن جي تلاش جاري آھي.
جُولاءِ 5, 2024