سکر: نافرمان پٽن ۽ اڳوڻي گهر واري جي ڀائرن جي مبينا ڏاڍاين خلاف ظھير احمد پاران احتجاج
سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) نافرمان پٽن ۽ اڳوڻي گهر واري جي ڀائرن جي مبينه ڏاڍاين خلاف آباد لاکا جي رهواسي پورهيت ظھير احمد پٽ گل حسن سومرو سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته ٽي سال اڳ گهريلو اڻوڻت تان گهر واري روزينه کي طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو
جنهن بعد اڳوڻي گهر واري جي ڀائرن سردار ۽ بلاول محمدآ باغ ٿاڻي تي ڪوڙو حراسمنٽ جو ڪيس داخل ڪريو هو ۽ آبادٿاڻي تي به منهنجي ڀائرن سعيد احمد۔محمد صالح ۽ ڀائٽي امتياز سومرو خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي راڄوڻي طريقي سان چار لک ورتا هيا جڏهن ته هاڻي منهنجي پٽن عطيق الرحمان۔ثارب ۽ شعيب کي اڳوڻي گهر واري ۽ ان جي ڀائر ورغلائي منهنجي خلاف ڪري ڇڏيو آھي
پٽ نافرمان ٿي ويا آھن گهر تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاء مونکي مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين جنهن سبب حياتي کي نافرمان پٽن مان خطرو آھي۔ظھير احمد سومرو وڌيڪ ٻڌايو ته هو اصل محمدآ باغ ضلعي شڪارپور جو رهواسي آھي ڪجھ سال اڳ لڏي آباد لاکا ۾ پلاٽ وٺي جڳھ ٺھرائي آھي سبزي منڊي ۾ پورهيو ڪندو آھيان
منهنجي جاء اڳوڻي گهر واري ۽ ان جي ڀائرن کي اڳ ۾ ڪنڊي جيان چڀي ٿي جنهنکي کپائڻ لاء پٽن کي منهنجي خلاف استعمال پيا ڪن۔ هن آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
جُولاءِ 5, 2024