ملير : ابراھيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران محرم الحرام جي انتظامن بابت نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو
ملير (ڊ ر ) ابراھيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران محرم الحرام جي انتظامن بابت ٽائون آفيس ۾ چیئرمین نظير احمد ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، ٽائون ميمبرن ۽ آفيسرن سميت مختلف امام بارگاهن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ شريڪ امام بارڱاهن جي اڳواڻن پاران محرم جي مهيني ۾ انتظامن ۽ ميونسپل جي سهولتن جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال ٽرانزيڪشن پيرڊ هئڻ سبب محدود وسيلن جي باوجود ٽائون انتظاميا امام بارگاهن ۾ گهربل سموريون سهولتون فراهم ڪيون هيون،
انشاءَ الله هن سال وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. عزادار امام حسين کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو فرض آهي۔ اسانجي ڪوشش هوندي ته هن سال محرم ۾ اڃان وڌيڪ سهولتون ڏيون ۔ ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته محرم ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي رستن، مجلسن جي هندن ۽ امام بارگاهن ڏانهن ايندڙ روڊن رستن تي صفائي سٿرائي اسٽريٽ لائيٽس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو۔
عذاداران امام حسين عه کي ميونسپل جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون شڪايتن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ويندي ان کان علاوه هڪ واٽس ايپ گروپ ٺاهيو ويندو جنهن جي آء پاڻ نگراني ڪندس. ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته محرم جي ڏهاڪي ۾ عذادارن کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن
ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي آفيسر عوام جا خادم آهن محرم الحرام دوران عوام جا مسئلا عڀادت سمجهي حل ڪيا وڃن، محرم دوران ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ۽ سستي برداشت نه ڪئي ويندي. محرم کان اڳ سمورين امام بارگاهن ۽ جلوس جي رستن تي صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻين ميونسپل سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏني وڃي.
انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء آء پاڻ امام بارگاهن جا اوچتا دورا ڪندس ۔ هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي محرم الحرام جي مهيني ۾ عذاداران امام حسين عه کي ميونسپل جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن۔
ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خشڪ، ڊائريڪٽر ايڇ آر ناصر خان ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مثو ، چيف انجنيئر سهيل ملاح، چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ساجده، ثائون ڪائونسل ميمبر جان عالم ڄاموٽ، حاجي منظور عارفاڻي، ستار حمايتي، هاشم لاشاري، سيف ڪامل ۔ نعيم عباسي ۽ امام بارگاهن جي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 4, 2024