سانگهڙ ۾ سوشل ورڪر کي سوشل ميڊيا تي آئس ڊيلر خلاف پوسٽ ڪرڻ مهانگي پئجي وئي
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ سوشل ورڪر کي سوشل ميڊيا تي آئس ڊيلر خلاف پوسٽ ڪرڻ مهانگي پئجي وئي، سوشل ورڪر جي پريس ڪانفرنس، ڊيلر جي پٽ ۽ ٽن نامعلوم ماڻهن گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀاءُ کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا،
ٿاڻي تي اين سي داخل هجڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، الله رکيو مري، تفصيل موجب: سانگهڙ جي سوشل ورڪر الله رکيو مري نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئيس جو وڏي ۾ وڏو ڊيلر تنظيم حسين عرف تيجو پنهنجي پٽ ۽ 3 نامعلوم غنڊن سان گڏجي اسان جي گهر تي چڙھائي ڪري مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري فرار ٿي ويا،
منهنجي ڀاءُ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي، هن چيو ته آئيس ڊيلر تنظيم حسين عرف تيجو جي خلاف پوسٽ ڪئي هئي ته اهو ڊيلر اسان جي پاڙي ۾ نوجوانن کي آئيس وڪرو ڪري ٿو، الله رکيو وڌيڪ چيو ته آئس ڊيلر تنظيم حسين تي پهريان به آئيس جي ايف آئي آر داخل آهي.
آئيس ڊيلر پوري سانگهڙ شهر ۾ آن لائن ۽ فون ڪال ذريعي ننڍن ٻارن کي استعمال ڪري آئيس جو ڪاروبار ڪري ٿو، آئيس جهڙو ڪاروبار ڪندڙ خلاف پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هن چيو ته سانگهڙ کان علاوه ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ به هن جو آئيس جو ڪاروبار آهي، هن جو واسطو ملڪ ليول جي وڏن اسمگلرن سان آهي، سانگهڙ جي نوجوان نسل کي آئيس جهڙي نشي جو عادي بڻائي مستقبل کي تباھ ڪري رهيو آهي،
مون هميشه هنن وڏن ڊيلرن خلاف آواز اٿاريو آهي، تنظيم حسين عرف تيجو تي سانگهڙ ٿاڻي تي مختلف ڪيسن جون اڳ ئي 6 ايف آئي آرز داخل آهن جنهن ۾ آئس جي ايف آءِ آر به داخل آهي، پر پوءِ به آئيس جي ڪاروبار کان نٿو مڙي، هن چيو ته هن اسمگلر خلاف جيڪو به آواز اٿاري ٿو ته ان خلاف ڪوڙي 22A جي ايف آئي آر ڪرائي ڦاسايو ويندو آهي، جنهن ڪري علائقي جا ماڻهو هن منشيات ڊيلر خلاف آواز نٿا اٿارين،
هن چيو ته سندس پٽ جي اغوا جو ڊرامو رچائي منهنجي خلاف به اهڙا من گهڙت ڪيس داخل ڪرايا هئا جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو ۽ هن کي منشيات فروش قرار ڏنو هو، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هن منشيات فروش کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي،
هن چيو ته سانگهڙ ٿاڻي تي جهيڙي، حملي ۽ موت مار ڌمڪين جي اين سي داخل ڪرائي آهي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري ناهي ٿي، هن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آھي ته هن منشيات فروش جي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.
جُولاءِ 4, 2024