سکر ڊويزن ۾ محرم الحرام جي انتظامن جي سلسلي ۾ هڪ اعلي اجلاس ٿي گذريو

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ سکر ڊويزن ۾ محرم الحرام جي انتظامن جي سلسلي ۾ هڪ اعلي اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ ڊي آئي جي سکر پير محمد شاهه، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز, ڊي ايڇ او سکر, قانون لاڲو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن سميت رينجرز, پي پي ايڇ آئي، سيپڪو ۽ سئي گئس جي چيف انجنيئرز, شيعه سني علما اڪرام سميت ٻين لاڲاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته محرم الحرام جو مهينو مقدس مهينو آهي هن ۾ سمورا علما اڪرام هم آهنگي کي قائم رکندي موثر ڪردار ادا ڪن ۽ جيڪي به مسئلا پيش اچن انهن کي سنجيدگي سان حل ڪن، اهي سمورا مسئلا مس ڪميونيڪيشن جي ڪري ئي پيدا ٿين ٿا

جنهن لا سڀني کي پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن پوليس ۽ قانون لاڲو ڪندڙ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڊويزن اندر سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن ان سلسلي ۾ اهلڪار ها الرٽ رهن ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن سيپڪو ۽ گئس جي اعلي عملدارن کي محرم الحرام دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون.

ڪمشنر سکر ميونسپل جي اعلي عملدارن کي صفائي سٿرائي, نالين جي ڊي سلٽنگ, لائيٽنگ, هيٽ اسٽروڪ ڪيمپ قائم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي ڊي آئي جي سکر سيد پير محمد شاهه چيو ته محرم الحرام هڪ مقدس مهينو آهي جنهن لا سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 14 محرم الحرام تائين ڊويزن اندر تقريبا 9 هزار پوليس اهلڪار پنهنجون ڊيوٽيون سر انجام ڏيندا. ان سلسلي ۾ سمورا علما اڪرام انتظاميه سان رابطي ۾ رهن ته جيئن ڪٿي ڪو مسئلو پيش نه اچي. هن چيو ته داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جي عمل کي پڻ تيز ڪيو وڃي.

 اجلاس ۾ سکر, خيرپور ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرز لاڲاپيل ضلعن اندر محرم الحرام جي انتظامن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽنهي ضلعن اندر محرم الحرام جي سلسلي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ سمورن لڲاپيل کاتن جا فوڪل پرسن به مقرر ڪيا ويا آهن, اهڙيون هدايتون تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ جاري ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنرز وڌيڪ ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ اوز ۽ ايم ايس سان گڏجي ايمبولنسز ۽ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پڻ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ, ڊي سلٽنگ, فائربرگيڊ جي موجودگي سميت ٻين مسئلن لا ميونسپل جي اعلي عملدارن سان هڪ تفصيلي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ يوسيز ۽ ڪائونسلز کي پنهنجو رول ادا ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڏنيون آهن جڏهن ته ماتمي روٽس تان حددخليون هٽائڻ, جنريٽرز کي اسٽنيڊ با رکڻ, ڪنٽينر واش رومز قائم ڪرڻ, روڊ رستن تان بجلي جي تارن کي هٽائڻ ۽ ڊي سلٽنگ سميت ٻيا انتظام پڻ مڪمل ڪيا ويا آهن.

 ڊپٽي ڪمشنرز اجلاس کي وڌيڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ ضلعي ليول تي علما اڪرام سان گڏجاڻي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وقت جي پابندي، ايس او پيز تي عملدرآمد, نون ماتمي روٽس ۽ مجلسن لا اڲواٽ اجازت جو شرط رکيو ويو آهي. ان موقعي تي موجود سمورن علما اڪرام محرم الحرام دوران انتظاميه سان مڪمل ڪوآرڊينيشن جي يقين دهاني پڻ ڪرائي.

جُولاءِ 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو