اداڪارا صبور علي رنگ چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪهڙي انجيڪشن لڳرائي؟

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽيلي ويزن جي مشهور اداڪارا صبور علي رنگ چٽو ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهي وٽامن جون ڊرپس هيون، جيڪي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ لڳايون هيون.
نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت دوران ميزبان صبور علي کان رنگ ڪرڻ جي ٽريٽمينٽ بابت سوال ڪيو.
انهي سوال تي اداڪارا رنگ چٽو ڪرڻ لاءِ انجيڪشن لڳائڻ جي ترديد ڪئي ۽ هن واضح ڪيو ته هن ۽ سندس مڙس وٽامنز جون انجيڪشنز ۽ ڊرپس لڳرايون هيون.
هن جو چوڻ هو ته مان ۽ منهنجو مڙس ڏينهن رات ڪم ڪندا آهيو، انڪري گهڻو ڪري ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي جنهن لاءِ وٽامنز انجيڪشنز جو استعمال ڪيو هو.

جُولاءِ 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو