دادو: شيعه علماء ڪائونسل جو اجلاس سلامت علي جعفري جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان تعلقه دادو جو اهم اجلاس ضلعي صدر سلامت علي جعفري جي صدارت هيٺ امام بارگاهه غازي عباس علمدارِ قلندرآباد دادو ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ تعلقه دادو جي صدر جي چونڊ ڪئي وئي، علي گل ڪربلائي، صفدر علي سرهيو ۽ مولانا مجاهد حسين چانڊيو اليڪشن ڪرائي، تعلقي دادو جو صدر الطاف حسين سخيراڻي اڪثريت سان چونڊجي ويو چونڊيل تعلقي صدر الطاف حسين سخيراڻي پنهنجي ڪابينا جو پڻ اعلان ڪيو،
تعلقه جنرل سيڪريٽري آصف علي چانڊيو نائب صدر سید رضا علي شاهه، نائب صدر رياض حسين پنهور کي مقرر ڪيو، شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري مولانا مجاهد حسين چانڊيو نئين چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو،
جُولاءِ 2, 2024