شادي جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد سوناڪشي اسپتال پهچي وئي؟

Spread the love

بالي ووڊ اسٽار سوناڪشي سنها جو والد ڀارتي اداڪار ۽ سياست دان شتروگهن سنها طبيعت خراب هجڻ سبب اسپتال ۾ داخل آهي.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب شادي جي هڪ هفتي بعد نئين جوڙي کي ممبئي جي اسپتال ۾ ڏٺو ويو هو، جنهن بعد اداڪارا جي ڳورهاري ٿيڻ بابت به افواهون هلندڙ آهن.
هن جي اسپتال وڃڻ جو اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي، رپورٽ موجب سوناڪشي سنها جو والد شتروگهن سنها وائرل بخار ۽ ڪمزوري سبب اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن جي عيادت لاءِ هو اسپتال وئي هئي.
ان حوالي سان شتروگهن سنها جي ڌيءَ لو سنها گذريل ڏينهن بيان ۾چيو ته هن جي پيءَ کي چيڪ اپ لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، هن کي ڪجهه ڏينهن کان وائرل بخار ۽ ڪمزوري هئي.
مبينا طور شتروگهن کي سوناڪشي ۽ ظهير اقبال جي شادي جي ڪجهه ڏينهن بعد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
واضح رهي ته بالي ووڊ دبنگ گرل اداڪار پنهنجي ويجهي دوست ظهير اقبال سان شادي ڪئي هئي.

جُولاءِ 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو