ڪراچي: شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ  (سيتا نگر) واسين پاران پاڻي جي بندش خلاف احتجاج

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو)  ڪراچي جي علائقي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڳوٺ  (سيتا نگر) جي رهواسين جو ستين ڏينهن به پاڻي جي بندش خلاف احتجاج, مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي سنڌ دوست فورم جي مرڪزي اڳواڻن آغا شاھ زمان , ڊاڪٽر الطاف ميمڻ,  عامر جوڻيجو۔ ياسين سومرو۔ صدرالدين قريشي، غلام رسول۔ ڇڇر،اويس سولنگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي بندش سبب رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھن ۽ سخت احتجاج باوجود ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي,

هنن چيو ته سيتا نگر سميت ڪراچي جي وسندين ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آھي, سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء فوري اپاء ورتا وڃن.

اڳواڻن چيو ته بنيادي مسئلن جي حل لاء هڪ ٻئي جو ٻانهن ٻيلي ٿي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 هنن چيئرمين صفورا ٽائون ۽ چيئرمين يو سي سچل کان مطالبو ڪيو ته فوري پاڻي فراهم ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي, ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُون 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو