ڏوڪري ۾ شعيا علماءِ ڪائونسل جو اجلاس الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ۾ ٿي گذريو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ شعيا علماءِ ڪائونسل جو اجلاس الحسيني مرڪزي امام بارگاھ ڊويزنل صدر ذاڪر حسين ٻگهيو، ضلعي صدر مولانا غلام اصغر جنتي ۽ صوبائي مشير حاجي منظور علي جلباڻي جي صدارت ۾ ٿي گذري،
جڏهن ته چونڊجي آيل تعلقي ڏوڪري جي عهديدارن کي ضلعي صدر مولانا غلام اصغر جنتي تعلقي صدر ارشاد حسين ٻگهيو، س نائب صدر غلام اصغر ڀنڊ، نائب صدر 1 ذاڪر حسين گاڏهي، نائب صدر 2 مظفر علي سوهو، نائب صدر 3 مظهر علي گاڏهي، نائب صدر 4 زوار فدا حسين ابڙو، جنرل سيڪريٽري ناصر عباس سرگاڻي، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري زوار عبدالحميد کوکر، اطلاعات سيڪريٽري محمد صادق هيسباڻي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري وحيد علي جوڳي، ماليات سيڪريٽري سيد مهدي شاھ ۽ ٻين حلف کڻي ورتو آهي
ان موقعي تي اجلاس کي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان شيعا علماءِ ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ ۽ تعلقي ڏوڪري جي سمورن يونٽن جا شڪر گذار آهيون جن اسان تي اعتماد ڪندي چونڊيو آهي
هنن چيو ته محرم الحرام جي ڏهاڙا ويجهو آهن امن امان سميت مخلتف معاملن تي ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا کان گڏجاڻيون ڪنداسين. اجلاس ۾ زوار قاضي وحيد علي، ذاڪر حسين پٺاڻ، مولانا قاضي غلام صديق، زاهد حسين ڪلهوڙو، مولانا عرفات علي، سليم رضا جتوئي، جنيد فدا حسين ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جُون 30, 2024