ڪيمپ ۾ امپورٽيڊ لينس لڳايا ويا آهن, معياري دوائون فراهم ڪيون ويون آهن: ڊاڪٽر شريف هاشماڻي
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو)سانگهڙ، ميمبر قومي اسيمبلي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي شازيه عطا مري ۽ هاشماڻي آئي اسپتال ڪراچي جي تعاون سول اسپتال سانگهڙ ۾ لڳايل اکين جي علاج ڪيمپ ۾ هزارن کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو
جن کي مفت دوائون ۽ چشما فراهم ڪيا ويا ۽ 2 سو کان وڌيڪ ماڻهن جو آپريشن ڪيو ويو جن ۾ ڪجهه نوجوان اکين جي بيمارين ۾ مبتلا پڻ شامل هئا. ان موقعي تي هاشماڻي اسپتال جي چيئرمين ڊاڪٽر شريف هاشماڻي چيو ته اسان ايم اين اي شازيه عطا مري جا شڪر گذار آهيون جن اسان کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ اسان کي غريب عوام جي مدد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ڪيمپ ۾ امپورٽيڊ لينس لڳايا ويا آهن
معياري دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر شريف وڌيڪ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه ۽ سندس ٽيم سميت اصحت کاتو پڻ اسان جو ٻانهن ٻيلي رهيو جنهن سبب اسان ايترن سارن مريضن جو علاج ڪري سگهيا سون.
جُون 30, 2024