ٺاروشاھه لڳ ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏهراج ۾ پورهيت جي گهر کي باهه ، الهه تلهه سڙي رک
ٺاروشاھه (رپورٽر) ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏهراج ۾ پورهيت جي ڪکائي گهر کي پراسرار طور باهه لڳي وئي، گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک، گهر ۾ بيٺل 2 ٻڪريون بـ سڙي مري ويون مينھن سڙي زخمي ، متاثر پورهيت جا مٿي تي هٿ،
وس وارن کي مدد جي اپيل ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ ڪريم ڏنو ڏهراج ۾ پورهيت ستار ڏهراج جي گهر کي پراسرار نموني باهه لڳي وئي باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان نياڻين جو ڏاج، ڪڻڪ سميت ٻيو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته پورهيت جي گهر ۾ بيٺل ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون،
ڪڪڙيون سڙي مري ويون جڏهن ته هڪ مينهن سڙي زخمي ٿي پئي متاثر پورهيت ستار ڏهراج روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته مان مزدور آهيان ڳوٺ کان شهر پورهيو ڪرڻ ويس ته اچانڪ گهر کي باهه وڪوڙي وئي
جنهنڪري گهر جو سمورو سامان ۽ چوپايو مال سڙي مري ويو آهي هن چيو ته باهه جو اطلاع فوري طور تي ڳوٺاڻن فائر برگيڊ جي عملي ڪيو پر فائر برگيڊ عملو وقت سر نه پهتو جنهڪري سمورو گهر سڙي ويو آهي ۽ سخت گرمي ۾ ٻچڙن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون هن ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نئين سنئين گهر تعمير ڪرائي مدد ڪئي وڃي ـ
جُون 29, 2024