ٺاروشاھ لڳ قومي شاھراح ڪراس ڪندي نوجوان تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت
ٺاروشاھ ( رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ڀرسان قومي شاھراح ڪراس ڪندي نوجوان تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل ـ ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ گاجرائي سھتا واسي پورھت نوجوان عارف سھتو پنجاب کان واپس ڳوٺ ايندي ڀريا جي قومي شاھراھ تي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار سان ايندڙ مسافر بس کيس ٽڪر ھنڻي زخمي ڪري ڇڏيو
جنھن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي نوجوان زخمن جا تعاب نـ سھندي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو مقتول پورھت نوجوان پيء صاحب خان سھتو ٻڌايو تـ پٽ پنجاب جي شھر ملتان ۾ ميندي کپائيندو ھئو جيڪو اڄ ڳوٺ اچي رھيو ھئو تـ نامعلوم مسافر بس روڊ ڪراس ڪندي کيس ٽڪر ھنيو جنھن سبب پٽ فوت ٿي ويو آھي جڏھن تـ نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانئجي وئي آھي ـ
جُون 29, 2024