سکر : حافظ محمد ايوب مهر پاران پلاٽن تي غير قانوني قبضي ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف احتجاج

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي )پراڻو  سکر ڪڙي ڪوارٽر جي رهواسي ايڊووڪيٽ حافظ محمد ايوب مهر پاران پلاٽن تي غير قانوني قبضي ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٻه پلاٽ نمبر E.833 ۽ D.87 آهن ادا، سروي ڪندڙ عبدالستار پراجيڪٽ انتظاميا سان گڏجي مون کي قانوني طور تي قبضو ڏياريو،

 پر صرف ٻن مهينن کانپوءِ پلاٽن جي اڏاوتن کي ڊاهڻ تي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري رشوت وٺي آزاد ڪيو، جنهن تي مون اعليٰ آفيسرن ۽ ايس ايس پي سکر کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي ته انهن پلاٽن جي قانوني حيثيت بابت شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

جوابدار مون کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُون 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو