ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميا ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙن کان ٽريڊ لائسنس جي نالي تي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي
ڪراچي ( رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميا ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙن کان ٽريڊ لائسنس جي نالي تي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي دڪاندارن ھوٽلن ميڊيڪل سينٽرن کي فيس جمع ڪرائڻ لاء نوٽيس جاري پئسا نـ ڏيندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي وارننگ واپارين سياسي سماجي ماڻھن سھراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم پٺاڻ جي اھڙي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو
احتجاج جو چتاء خبرموجب ڪراچي سھراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم پٺاڻ سھراب ڳوٺ ٽائون جي بگڙيل خراب ٿيل صورتحال کي بھتر نـ ڪري سگھيو آھي الٽو وري ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙ دڪاندار ھوٽلن ميڊيڪل سينٽرن وارن کان ٽريڊ لائسنس جي نالي تي اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آھي سھراب ڳوٺ ٽائون عملدارن طرفان دڪاندارن ھوٽل ميڊيڪل سينٽر وارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن
جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تـ ٽريڊ لائسنس جي فيس جمع نـ ڪرائيندڙن مٿان ڏنڊ ھڻڻ سميت انھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو ھوڏانھن سياسي سماجي ماڻھن واپارين رياض کيمٽيو واحد مغيري مدثر سرڪي مبارڪ ڀٽي نويد عباس ڪلھوڙو ايڊوڪيٽ راشد چانڊيو ذوالفقار بروھي ۽ ٻين چيو تـ سھراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا رحيم پٺاڻ سھراب ڳوٺ جون خراب ٿيل حالتون تـ بھتر نـ ڪري سگھيو آھي
وري الٽو ٽائون جي ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙ رھواسين کان ٽريڊ لائسنس جي نالي تي لکين روپيا ڀتو اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي جنھن سبب ننڍو وڏو ڪاروبار ڪندڙ رھواسي سخت پريشان آھن ھنن چيو تـ سھراب ڳوٺ انتظاميا طرفان ٽريڊ لائسنس فيس وٺڻ وارو ڪيل فيصلو واپس ورتو وڃي
ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي وڌيڪ ان حوالي سان سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم سان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو جنهن تي ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم ۽ ميونسپل ڪمشنر سهراب ڳوٺ ٽائون ڪال اٽينڊ نه ڪئي.
جُون 28, 2024