ٿورن وسائلن مان اسان ڪتا مار مهم شروع ڪئي آهي: علي غلام لغاري / عنايت علي لاشاري

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )تعلقي جوهي جي يوسي واهي پانڌي جي چيئرمين رئيس  علي غلام لغاري وائيس چيئرمين عنايت علي لاشاري جي ڪوششن يوسي سيڪريٽري  يوسي ۾ ڪتار مار مهم ٻئي ڏينهن بہ جاري رکندي ڳوٺ مٺو خان رستماڻي  ۽ ٻين آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڪتن جي وڌندڙ آزار کي ختم ڪرڻ لاءِ زهريلي ڪيپسولن ذريعي مهم جاري رکندي ڪيترائي ڪتا ماريا ويا

جن کي لوڊرن ذريعي کڻي پورايا ويا، ان موقعي تي يوسي چيئرمين علي غلام لغاري ۽ وائيس چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ٿورن وسائلن مان اسان ڪتا مار مهم شروع ڪئي آهي جنهن سان علائقي جي عوام کي فائدو ملي ڪتن ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏاڙھي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي،

هنن چيو تہ يوسي جي عوام اسان تي اعتماد ڪيو آهي انهن جي مقصدن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون باقي فنڊ نہ هجڻ برابر آهن صرف پگهارون ٿين ٿيون تنهن باوجود هر ماڻهو جي مدد لاءِ تيار آهيون، هن مهم ۾ احسان، عابد ۽ رستم رستماڻي تعاون ڪندي ٽيمن کي ڳوٺن تائين پهچايو آهي، ٻين ڳوٺن ۾ به ڪتا مار مهم جاري رکي ويندي.

جُون 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو