نواب شاه: ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جي صدارت ھيٺ اجلاس ٿي گذريو
نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ اوگرا پاران ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙن لاءِ جاري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ اجلاس اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ مئير ميونسپل ڪارپوريشن قاضي محمد رشيد ڀٽي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نواب سمير لغاري،ڊي ايس پي پوليس عبدالحميد جلباڻي،انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي سميت سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ايل پي جي گيس جي دڪاندارن شرڪت ڪئي
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ ٿيل واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي ضلع ۾ غير قانوني ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙن خلاف وڏي پيماني تي ڪاروائيون شروع ڪيون ويون آهن
جنھن تحت ڪيترائي دڪان ۽ ايجنسيون سيل ڪيون ويون آهن ھن وڌيڪ چيو ته غير قانوني ھلندڙ ايل پي جي گيس جي دڪانن ۽ ايجنسين سان ڪنھن بہ قسم جي رعايت ھرگز نہ ڪئي ويندي ھن وڌيڪ چيو ته رجسٽرڊ ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙ دڪاندارن لاءِ اوگرا پاران جيڪي ايس او پيز جاري ڪيون ويون آهن انھن تي ھر صورت ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي
ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي علائقن ۾ قائم ايل پي جي گيس جي دڪانن ۽ ايجنسين جو دورو ڪن ايس او پي تي عمل نہ ڪندڙن دڪاندارن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي سندن مٿان جرمانو عائد ڪندي دڪان سيل ڪيا وڃن جڏھن ته غير قانوني ھلندڙ ايل پي جي جي دڪانن خلاف پڻ ڪاروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي
جنھن جي رپورٽ تصويرن سان گڏ ڊي سي آفيس کي موڪلي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته رھائشي علائقن خاص ڪري ماڻھن جي اچ وڃ واري علائقن ۾ ايل پي جي گيس جو استعمال ڪنھن خطري کان گھٽ نہ آھي ٿوري لاپرواهي سبب انساني جانيون ضايع ٿي سگھن ٿيون انھي لاءِ دڪاندار ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن. ان موقعي تي ايل پي جي گيس وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پاران ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ جو ڊپٽي ڪمشنر کي يقين ڏياريو ويو.
جُون 28, 2024