دادو: جوهي ڊگري ڪاليج محلي رهواسين پاران پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي) جوهي ڊگري ڪاليج محلي جي رهواسين پوليس عملدار نذر محمد لغاري، سندس زال حسينه، فاطمہ، فرزانہ، سوني، امداد، ارشد، خدابخش لغاري،محمد امین پنهور ۽ ٻين دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي جوھي پوليس ۽ بااثر اغوا ڪري ڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين پيءُ نذر محمد لغاري، ماءُ مسمات حسینہ لغاري ميڊيا آڏو دانھيو ته هڪ مهينو ٿيڻ وارو آهي

اسان جي نياڻي زليخان جي اغوا ٿيڻ کي پر جوهي پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، پوليس اغوا ڪارن مصطفيٰ لغاري، سرتاج، امتياز،  مسمات صفوران لغاري کان وڏي رشوت وٺي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،

جوابدار ڌر ۽ پوليس اسان کي راڄوڻي لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن سيشن جج دادو، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر سميع الله سومرو کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي اغوا ڪيل نياڻي زليخان کي ظاهر ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾  سومر ڏينهن تي ايس ايس پي دادو جي آفيس آڏو ڪلام پاڪ کڻي بک هڙتال ڪئي ويندي.

جُون 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو