سڪرنڊ : درگاھ پير ذاڪري واسي جو گوليون لڳل لاش ھٿ
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) درگاھ پير ذاڪري واسي حامد بروهي جو گوليون لڳل لاش ڳوٺ ڀرسان فارون جي باغ مان ھٿ ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد سڪرنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي سندس مامي امير بخش بروهي جو چوڻ آهي تہ گذريل رات موري شھر جو رھواسي مھمان ٿي آيل وزير جمالي شڪار بھاني حامد بروهي کي گھران وٺي ويو
جنھن کانپوءِ اسان کي شڪ آهي تہ مھمان ٿي آيل وزير جمالي اسان جي ھمراھ کي قتل ڪيو آهي ٻئي پاسي ايس ايچ او سڪرنڊ اصغر اعواڻ چيو آهي تہ واقعي جو اطلاع ملندي ئي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ وارثن جي چوڻ مطابق ڪيس داخل ڪنداسين آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوڀه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل اچي سگهي آهي.
جُون 27, 2024