گھوٽڪي : قتل  ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ چاڪر خان ڪولاچي  واسين پاران احتجاجي  مظاھرو

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) قتل  ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ چاڪر خان ڪولاچي جي رھواسين جو جمعيت علماء اسلام نظرياتي جي اڳواڻ مولانا قمرالدين ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ايس ايس پي گھوٽڪي ، ڊي آء جي سکر کان قتل ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ، پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بجاء سياسي ونگار وهندي ٻن مک جوابدارن جا نالا خارج ڪري پئي

جيڪو ظلم آھي ، مولانا قمرالدين ڪولاچي ، تفصيل موجب 2 مھينا اڳ ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان ھلندڙ جهيڙي سبب ڪولاچي ۽ پتافي برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل مقتول شير محمد ڪولاچي جي وارثن پاران قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف گزريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام نظرياتي جي اڳواڻ مولانا قمرالدين ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول شير محمد ڪولاچي جي پٽ رفيق احمد ڪولاچي ، جمعيت علماء اسلام نظرياتي جي اڳواڻ مولانا قمرالدين ڪولاچي جو چوڻ هو ته اسان جي ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو جن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو ته پتافي برادري جي ھٿياربندن غوث بخش پتافي الله وڌايو پتافي جوابدارن صالح محمد ڪولاچي مجاھد ڪولاچي مشاھد حسين ڪولاچي سان گڏجي حملو ڪري مقتول شير محمد ڪولاچي کي شھيد ڪري ڇڏيو

ھيو پر ٻه مھينا گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اڳوڻي صوبائي وزير سردار عبدالباري خان پتافي جي ونگار وهندي ڪيس ٻيلو ميرپور ٿاڻي تان داد لغاري ٿاڻي جاچ لاء منتقل ڪري ڇڏيو جتي اسان کي ڄاڻ ملي آهي

 ته ايس ايڇ او جوابدار ڌر کان رشوت وٺي  ٻن مک جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيا آهن جيڪو ظلم آھي ، ھنن چيو ته اسان اي ايس پي ، ۽ ايس ايس پي ڏانھن وڃي وڃي ٿڪجي ويا آھيون پر ڪو دانھن ڪوڪ ٻڌڻ لاء تيار ناھي جنهن سبب قتل ڪيس جا جوابدار سر عام اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اڳوڻو صوبائي وزير سردار عبدالباري خان پتافي پڻ جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي

 ڇوته پتافي برادري جو اصل ٽارگيٽ آھي ڪولاچي برادري جي زمين تي قبضو ڪرڻ جنھن ڪري خدشو آهي ته ھو اسان جي مخالف ڌر جي صالح محمد ڪولاچي جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء زمين حاصل ڪرڻ بعد ھنن کي قتل ڪري ڇڏيندا ۽ الزام اسان مٿي ھڻي ڪوڙو ڊرامو رچايو ويندو ھنن  ايس ايس پي گھوٽڪي ڊي آء جي سکر آء جي سنڌ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جُون 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو