يونيورسٽين جو بنيادي ڪم سوچ جا دروازا کولڻ آهي: امانت علي جلباڻي

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند )  شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي جي سرواڻيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي. يونيورسٽيءَ جي مستحق ۽ ضرورتمند شاگردن جي وڌ ۾ وڌ مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ وائيس چانسلر جي ذاتي ڪوششن سان احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالر شپ پروگرام تحت 237 شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪالر شپ جا چيڪ ورهايا ويا.

اسڪالر شپس ڏيڻ واري عمل کي وڌيڪ شفاف بنائڻ لا۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر جلباڻي پاران شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي مان ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، ڊاڪٽر سلمان بشير، منظور علي سيال، قربان علي فاروقي ۽ غلام مصطفيٰ خاصخيلي تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي ھئي. ان سلسلي ۾ سينڊيڪيٽ هال ۾ ھن پروقار تقريب دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي چيو ته يونيورسٽين جو بنيادي ڪم سوچ جا دروازا کولڻ آهي. هن چيو يونيورسٽيون شعور جا مرڪز هونديون آهن،

جتي مستقبل جي معمارن جي ذهني آبياري ٿيندي آهي.شهيد راڻي جي نالي تي قائم ٿيل هي يونيورسٽي غريب والدين جي آخري اميد آهي، جتي انتهائي گهٽ فيس ۾ معياري اعليٰ تعليم ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن جي اڪثريت غريب خاندانن سان واسطو رکي ٿي. هن اسڪالر شپس حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ته اهي وڌ ۾ وڌ اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسن ۽ انهن خوابن جي تعبير لاءِ مستقل مزاجي سان ڪوشش ڪن.

جُون 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو