دادو جي بخاري ڪالوني ۾ گھر جي ڇت تي ڪم ڪندڙ مزدور هيٺ ڪري فوت

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو جي بخاري ڪالوني ۾ گھر جي ڇت تي ڪم ڪندڙ مزدور هيٺ ڪري فوت ٿي ويو،

فوتي پورھيت جي سڃاڻپ ڪوڙل شاھ ڪالوني واسي 36 سالا  گلاب پنڙ طور ٿي آھي، مزدور گھر جي ڇت تي مزدوري جو ڪم ڪري رھيو ھو تہ گرمي سبب اوچتو سندس دماغ کي چڪر اچڻ سبب ڇت تان هيٺ ڪري پيو جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،

پورھيت جو لاش سول اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،

جُون 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو