دادو: عيدغدير جي موقعي تي جشن غدير ريلي مرڪزي امام بارگاھ حيدري کان پيادل ڪڍي وئي
دادو(رپورٽ:سرور جلال ) عيدغدير جي موقعي تي اصغریہ علم و عمل تحریڪ پاڪستان دادو پاران مرڪزي اڳواڻ مشتاق علي حسيني،يونٽ صدر اعجازعلي حسيني جي قيادت ۾ گذريل رات سالياني جشن غدير ريلي مرڪزي امام بارگاھ حيدري کان پيادل ڪڍي وئي.منقبت قصيدہ خواني اعلانِ غدير آ، علي مومنن جو امير آ جي نعرن جي گونج سان مختلف رُوٽن تان ٿيندي دادو پريس ڪلب پھتي.
مختلف تنظيمن اصغریہ علم و عمل تحریڪ پاڪستان، شيعاعلماءڪونسل، فروغِ عزا مشن، انجمن قلندري ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن سيد شبير شاھ، سلامت جعفري، سيد ماجد ڪاظمي، مشتاق علي حسيني خطاب ڪندي چيو تہ 18ذولحج جي تاريخ دينِ اسلام جي حیثیت رکي ٿي، هن ڏينھن تي رسولِ خدا ﷺ پنھنجي ظاھري زندگي جوآخري حج ڪري جڏھن غديرِخّم جي ميدان تي پھتا تہ نٽھڻ اُس سخت گرمي ۾ اٽڪل سوا لک حاجين اصحابن سڳورن کي اتي ترسائي اُٺن جي پَلاڻن جو وڏو ممبر ٺھرائي بحڪم خدا حضرت علي ابنِ ابي طالب عليہ السلام کي پاڻ سان گڏ بيھاري بازُو پڪڙی فرمايو من ڪنت مولاہ فھاذا علي مولا
يعني جنھن جنھن جو مان مصطفي نبي رھبر سردار ھادي آھيان اُن اُن جو علي عہ رھبر سردار ۽ ھادي آھي، مون کانپوءِ ھن جي اطاعت ڪجو. يعني نبوت جو عھدو مڪمل ۽ پورو ٿيو، مون کانپوءِ نبوت بعد سلسلو عھدو امامت دين جي حفاظت ڪندو ۽ ان کان پوءِ ﷲ تعالي ايت نازل ڪئي، جڏھن امام علي ع مقرر ٿيو تہ ھاڻي دين مڪمل ۽ نعمتون تمام ٿيون
پرافسوس جو نبي ڪريم کان بعد ڪلمہ گو مسلمان ﷲ سائين جي حڪم سان نبي ڪريم جي صادق زبان ذريعي مقرر ڪيل امام خليفہ جانشين حضرت علي کي تسليم ڪرڻ بجاءِ ان جي سخت مخالفت ڪري پنھنجي مرضي ھلائي تمام غلط ڪيو، نتيجو اھو نڪتو فرقہ پرستي، فتنا ۽ نفرتن جنم ورتو، ۽ مسلم دنيا انتھائي تڪليف ۾ مبتلا ٿي وئي آھي، فلسطين ڪشمير ۽ ٻي مسلم دنيا دھشتگردي جي ورچڙھي وئي ۽ ڪربلا برپا ٿي،
مسلمان انسان عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو جو نظام امامت جو انڪار ڪيو ويو، آخر ۾ مرڪزي امام بارگاھ تي عالم انسانيت جي خير خيريت جون دعائون گھريون ويون ۽ مٺائي نياز تقسيم ڪيو ويو.
جُون 25, 2024