همايون سعيد ۽ ماهرا خان فلم ”مرزاجٽ“ ۾ گڏ نظر ايندا

Spread the love

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ اداڪار همايو سعيد جي 9 سالن بعد جوڙي طور فلمي دنيا ۾ گڏجي اسڪرين تي اچڻ جون خبرون زور پڪڙي ويون آهن.
ماهرا خان ۽ همايون سعيد 9 سال پهريان پاڪستاني فلم ”بن روئي“ ۾ جلوا ڏيکاريا هئا، جنهن ۾ ٻنهي جي ڪيمسٽري فلم ڏسندڙن جي دلين کي ڇهي ورتو هو.
هاڻ اها جوڙي پنجابي فلم جي ڪري گڏجي رهي آهي، جنهن جو نالو ”مرزا جٽ“ ٻڌايو پيو وڃي، مرزا جٽ جي ڪهاڻي پاڪستاني مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر لکي رهيو آهي جڏهن ته هدايتڪاري جي ذميواري نديم بيگ کنئي آهي.
اهو ٻڌايو پيو وڃي ته فلم جي شوٽنگ جي شروعات ايندڙ سال ڪيو ويندو پر ڪهڙي مهيني شوٽنگ اها اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي.

جُون 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو