ملير ضلعي جي دنبا ڳوٺ لڳ ديھ ڪونڪر ۾ ڪورٽ جي حڪمن باوجود قبضا ختم نـ ٿي سگھيا
ڪراچي ( رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ملير ضلعي جي دنبا ڳوٺ ڀرسان ديھ ڪونڪر جي ھڪ ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر قبضا خور جميل خلاف ھاء ڪورٽ جي حڪمن باوجود ڪيل قبضا ختم نـ ٿي سگھيا ھاء ڪورٽ جي حڪمن تي ڊي سي ملير توڙي ٻين لاڳاپيل عملدارن عمل نـ ڪيو ڊي سي ملير طرفان ڪورٽ ۾ ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاء قبضا ختم ڪرائڻ لاء ليٽر جاري ڪيو ھو
مگر قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڪنھن بـ قسم جي ڪا بـ ڪارروائي نـ ٿي سگھي خبرموجب ڪراچي ملير ضلعي جي دنبا ڳوٺ ڀرسان ديھ ڪونڪر ۾ بااثر جميل ميمڻ تـ طرفان ھڪ ھزار ايڪڙ ايراضي کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي قبضا قائم ڪري ڪيٽل فارم ۽ ٻيون اڏاوتون قائم ڪري ورتيون آھن
سنڌ ھاء ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل ٻـ رڪني بئنچ طرفان داخل پٽيشن تي پنھنجو فيصلو ٻڌائيندي بااثر جميل ميمڻ پاران ڪيل قبضا ختم ڪرائڻ لاء چيف سيڪريٽري سنڌ ڊي سي ملير ايس ايس پي ملير ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي قبضا ختم ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو
ھو مگر ڊي سي ملير عرفان علي ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيندي عدالت ۾ ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاء تاريخ 31.5.2024 تي قبضا ختم ڪرائڻ لاء فارملٽي طور تي ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس ايس ايس پي ملير سينيئر ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ فورس ڪي ايم سي اسسٽنٽ ڪمشنر مراد ميمڻ ڳوٺ سميت ٻين عملدارن کي ليٽر لکي ديھ ڪونڪر ۾ ٿيل غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاء ليٽر لکيو ويو مگر سرڪاري زمين تي ٿيل غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاء عملدارن طرفان ڪنھن بـ قسم جي ڪا بـ ڪارروائي نـ ڪئي وئي آھي بااثر جميل ميمڻ طرفان اڃان بـ وڌيڪ سرڪاري زمين تي قبضن ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي
ان سلسلي ۾ دنبا ڳوٺ سميت آس جي رھواسين محمد بخش پالاري گلاب پالاري عبدالڪريم صحافين آڏو دانھيندي چيو تـ بااثر جيل ميمڻ ديھ ڪونڪر ۾ ھڪ ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي قبضا ڪري اتي مال جا واڙا قائم ڪيا ويا آھن
جانورن جو گند گاھ وري ٿڌو ڊيم جي پاڻي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جنھن سبب رھواسي گندو پاڻي واپرائڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھاء ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھنور تي ٻڌل ٻـ رڪني بئنچ جميل ميمڻ پاران ڪيل قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو مگر ڊي سي ملير عرفان علي بااثر قبضا خور جميل ميمڻ سان مليل آھي جنھن عدالت ۾ ڪوڙي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاء فرضي طور تي عملدارن ڏانھن ليٽر لکي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو
ھو مگر ھن وقت تائين غيرقانوني ٿيل قبضا ختم تـ نـ ڪرايا ويا آھن مگر اڃان وڌيڪ قبضا ڪرڻ جو سلسلو جاري آھن ھن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي.
جُون 24, 2024