سانگهڙ : سماجي اڳواڻ مجيد منڱريو جي گهر تي مبينا طور هٿياربندن جو حملو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي احتجاج
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ سماجي اڳواڻ مجيد منڱريو جي گهر تي مبيه طور نامعلوم هٿياربندن جو حملو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي احتجاج، هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، فائرنگ دوران گوليون گهر جي ڇت ڀتين ۽ دروازي تي لڳيون،
مجيد مڱريو سميت گهر جا ڀاتي معجزاني طور محفوظ رهيا. اهڙي اطلاع تي پوليس جاء وقوع تي پهچي جائزو ورتو، ليڪن ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سياسي سماجي توڙي سول سوسائٽي جي ماڻھن پريس ڪلب سامهون ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو
۽ واقعي کي کلي دهشتگردي قرار ڏيندي وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ رياستي ادارن کان سماجي اڳواڻ مجيد مڱريو جي گهر تي قاتلاڻي حملي جي جوابدارن کي فوراً گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.مظاهري ۾ عورت سماجي اڳواڻ سلمه قريشي پڻ شرڪت ڪئي
۽ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سانگهڙ جي امن کي ھٿ سان خراب ڪيو پيو وڃي ۽ عوام پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهي آئون هن واقعي جي مذمت ڪرڻ سان گڏ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريان ٿي، مظاهرين جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي شھر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ دهشتگردي خلاخ زوردار نعرا هڻي رهيا هئا.
جُون 24, 2024