اسان جا ريلوي پوليس جا جوان آسان طريقي سان پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏئي رهيا آهن: ايس پي سکر

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايس پي ريلوي پوليس سکر ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب گذريل رات ميرپور ماٿيلو جي هڪ فيملي پنهنجي عزيزن کي ڇڏڻ جي لاءِ ريلوي اسٽيشن ميرپورماٿيلو پهتي، جتي نويد احمد ولد نصير احمد نالي شخص پنهنجي گهر واري جو پرس ريلوي اسٽيشن ميرپورماٿيلو ۾ رهجي ويو ۽ پليٽ فارم تي ڊيوٽي تي موجود ريلوي پوليس ڪانسٽيبل رياض احمد ۽ محمد الياس ليڊيز جو پرس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪري آن ڊيوٽي اسٽيشن ماسٽر ميرپور ماٿيلو جي موجودگي ۾ ليڊيز پرس کي چيڪ ڪيو

جنهن ۾ 5 ڪارڊ ۽ هڪ عدد قومي شناختي ڪارڊ نالي ناديه، اي ٽي ايم ڪارڊ، هڪ عدد موبائل فون، ۽ 2330 روپيا روڪ رقم پڻ موجود هئي، ليڊيز پرس ۾ موجود نويد احمد ولد نصير احمد نالي شخص جو رابطي نمبر موجود هو جنهن ذريعي مذڪوره شخص کي اطلاع ڏنو ته مذڪوره شخص ٻڌايو ته اهو پرس منهنجي گهر واري جو آهي

جيڪو اسان ريلوي اسٽيشن ميرپور ماٿيلو تي وساري آيا آهيون، نويد احمد ريلوي پوليس جي چوڪي تي پهچي ڪري ملازمن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي دعائون ڪيائين جڏهن ايس پي ريلوي کي واقعي بابت معلوم ٿيو ته سندس اهڙي ايمانداري تي ايس پي ريلوي سکر ڊويزن ارسلان ملازمن کي شاباشي جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته مسافرن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ريلوي پوليس جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي ۽ اسان جا ريلوي پوليس جا جوان آسان طريقي سان پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏئي رهيا آهن.

جُون 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو