ميوزيم، ناچڻيءَ جي مورتي ۽ روح جو سفر
ميان مير چانڊيو
هو مقتول مون روبرو ڪڏھن به ڪونه ڏٺو هو, هن جي شڪل سان هوبهو ملندڙ مورتي مون موهن جي دڙي مان مليل مورتي ۾ تڏھن ڏٺي هئي، جڏھن ڪيئي سال اڳ آئون سنڌ ميوزيم ۾ ڪنهن ٻپهري ويل اڪيلو ڪجھ دل ۾ جهونگاريندو ٿي ويس.
زندگي هڪ عجيب کيل آھي
ان کيل ۾ ھر ڪو هارجي ٿو وڃي
مارجي ٿو وڃي
ميوزيم اندر ايندڙ ماڻھن جي قدمن جو آواز “کرٽ، کرٽ” ڪن تي پوي ٿو. سامهون مجسمن تي نظر پوي ٿي، ڄڻ ته هزارين سالن پڄاڻان روح انهن ۾ واپس موٽي آيو هجي ۽ تاريخ جي ٻاٽ اونداهين مان سفر ڪري اهي سامهون اچي بيٺا هجن. ان ويلي عجيب محسوس ٿيو ٿي. اهڙي محسوسيات مون ڪيئي سال اڳ ڪارونجهر ۾ جين ۽ ٻڌ مت جي مندرن ۾ محسوس ڪئي هئي، جڏھن ٻاهر وڏ ڦڙو وسي رهيو هو، اندر ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا. ڏيئا جيڪي پيري ٻاوي ٻاريا هئا، اندرئين اونده کي ٻاهر ڌڪي رهيا هئا. پيري تي ڪم ئي اهو رکيل هو ته مورتين جي پوڄا ڪري ۽ رات جو ڏيئا جلائي. تيز هوا جي جهوٽي تي ڏيئن جون لاٽون مندر جي ڪنڊن ۾ ڪنڌ ھڻي ٻيهر لاٽ ٿيون ٿي. آئون ڪيترو عرصو ان گهري سوچ جي ٽٻيءَ ۾ ھليو ٿي ويس. زندگي ڇو مختصر آھي؟ ماڻھو ٿوري ئي عرصي ۾ ان مٽيءَ سان وڃي ٿو ملي، جنهن مٽيءَ سان نه فقط هو بيوفائي ڪري ٿو، پر هن جي دوري به هوندي آهي. اها ئي مِٽي مِٽيءَ سان وڙھي ٿي ۽ ھن ڪائنات ۾ ڪيڏي نه تباهي برپا ڪري ٿي.
مندر ۾ پيرو ٻاوو مورتيءَ جي پوڄا ڪندي ڪندي خاموش ٿي ويو. برساتي رات جو تيز شور ڪنهن ويلي ٻوليندڙ پکي جي آواز کي خاموش ڪري ٿي ڇڏيو، مون ٻاوي کان پڇيو ته هيڏي برسات ۾ پکي ٻولي رهيو آھي؟ چيائين: اڃايل پکين کي برسات جي خوشبو جو احساس ٿيندو آھي، جنهن ڪري هو ٻولي خوشي جو اظھار ڪندا آھن. هو انهن وڻن ۽ ٻوٽن جي ٽارين تي برسات ۾ وهنجي رقص ڪندا آھن. افسوس ان ڳالھ جو آھي ته هن ڪائناتن جي رنگن کي پائداري ناهي. هي موسمون، انسان، جانور، پکي، وڻ ۽ وليون ٻيهر ان مٽيءَ ڏانهن موٽ کائين ٿا، جنهن مان اهي سرجيا ويا آھن. انهن جو سرجڻ ۽ ڪائناتن جا ٻيا ڪيئي راز فقط اهو سرجڻھار ئي ڄاڻي ٿو. ٻئي کي ڪائي خبر ناهي.
گائيڊ تيز اڳيان نڪرندي ٿي ويو ته پهاڙيءَ تي ان جو دڦڪ نظر ٿي آيو. اسان کي پهاڙ کان نڪرڻ ۾ ٿوري مشڪلات ٿي آئي ۽ خوف پڻ ٿي ٿيو, برسات ته اوڪاڻي چڪي هئي، پر پهاڙي تي ھوا جو شور باقي هو. جبل جي مٿانهين، برسات، انڌيرو، ڏيئن جي ٽم ٽم ۽ تيز هوا جو شور ۽ ڀاري پوندڙ خوف.
ياد ٿو اچي ڪيئي سال اڳ هڪ ماسترياڻي کي سندس مامي پنهنجن ساٿين جي مدد سان هڪ رات گاڏيءَ ۾ کڻي وڃي وهندڙ ندي جي ڪناري ڀرسان سڌا فائر ڪري نديءَ ۾ ڦٽو ڪيو هو. ان تي اهو الزام هو ته هوءَ سندس مڙس کي ستل ڇڏي چاهيندڙ وٽ ويندي هئي ۽ ان تي اهو به الزام هو ته هن کي بار بار روڪڻ باوجود، هوءَ نه مڙي هئي. غالب چواڻي:
عشق پر زور نهين هي يه وه آتش غالب،
ڪه لگائي نه لگي اور بجهائي نه بني.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ اهو لاش لڙھندو ان هنڌان وڃي نڪتو، جتي ان ندي مان نڪرندڙ ڪنهن ٻي شاخ جا در هئا. جتي آبدار ان کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ لاش ڪڍيو ويو. ماسترياڻي جي جڏڙي پيءَ ۽ پوڙھي ماءَ ڪيس داخل ڪرايو. ماسترياڻي جو مامون روپوش ٿي ويو. ڪيس هلندي ماسترياڻي جو پيءُ ۽ ماءَ گذاري ويا. سندس ڀيڻ بيان مٽائي سندس مامي جي جان آزاد ڪرائي ڇڏي. آئون ان لاش کي ٿاڻي تي ان حالت ۾ ڏسي نه سگهيو هوس. ان جي لاش کي دور کان ڏسي مون کي شيڪسپيئر جي ڊرامي “ٻارهين رات” مان ڪجھ سٽون ياد آيون:
هليو آءُ، ھليو آءُ موت،
ندي جي ڪناري، جتي پراڻا سرو جا وڻ آھن
اتي مون کي ليٽائي.
مون ڳالھ پئي ڪئي انساني احساسن، روين ۽ معاشرتي ڪٺورتائن جي، جن جي ڪري دنيا ڏينهون ڏينهن تنگ ۽ مشڪل ٿيندي پيئي وڃي. ماڻھو هڪ ٻئي سان رشتا ۽ واسطا تڏھن ڳنڍي ٿو، جڏھن انهن جو ان سان مفاد رهي ٿو. جڏھن مفاد ٽُٽي ٿو ته هو هڪ ٻئي جا جاني دشمن ٿي پون ٿا.
ميوزيم ۾ ڦرندي مون کي گهيرٽ اچي ويو. مون ناچڻي کي ڏٺو، جنهن جو هڪ هٿ چيلهه تي ۽ ٻيو هٿ هوا ۾ مٿي هو. مون اهڙيون ناچڻيون هڪ شاديءَ ۾ ڏٺيون هيون. جڏھن اهي نچي نچي ٿڪيون هيون ته انهن جا چهرا پگهاريل سون جهڙا ٿي نظر آيا. ويهارو کن سالن کان پوءِ انهن ناچڻين مان هڪ ناچڻي شھر ۾ خيرات وٺندي ڏٺي هئم. مون کي ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته هيءَ اها فلاڻي ناچڻي آھي، جنهن کي وقت پينو بڻائي ڇڏيو آھي. زندگي ۾ پيٽ جي باهه ۽ وقت جي رفتار ماڻھوءَ کي ڇا کان ڇا ڪري ٿي ڇڏي. هاڻي هي دور اهڙو اچي ويو آھي، جنهن کي طوائف الملوڪي جو دور چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. صاحب اقتدار ماڻھو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ماڻھن جو نه رڳو رت چوسيندا رهن ٿا، گڏوگڏ انهن جي حقن تي ڌاڙو به هڻن ٿا ۽ وري منصف به خود ٿين ٿا.
شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙي ۾ فطرت جا رنگ موجود آھن. ڏئورن جي ڏارن تي جڏھن بلبلون چهڪنديون آھن، انگوريل انبن جي ٽارن تي ڪوئلون ڪوڪنديون آھن، ڍنڍن جي ڪناري کان ڪنول جا گل ٽڙندا آھن، صحرائن جي راتين ۾ ڪونجون ڪرڪنديون آھن، چيٽن جي چانڊوڪين ۾گيت گونجندا آھن ۽ باک ڦٽي ۾ ڪڻڇي ٻوليندا آھن ته ماڻھوءَ جا سارا دک درد لهي ويندا آھن ۽ دل چوندي آھي ته شھر جا گهر ترڪ ڪري ٻھراڙي جي ڪنهن گهاٽي نم جي وڻ جي پاسي ۾ ڪکائين گهر ۾ اچي رهجي. آئون ٻه سال اڳ جڏھن حيدرآباد وڃي رهيو هوس ته مون کي ايئن محسوس ٿيندو. هو، جيئن اورنگزيب عالمگير جو ڀاءُ مراد کي گواليار قلعي جي قيد ۾ محسوس ٿيندو هو. پاڻ چرس پي قيد ڪٽيندو هو. مون کي شھر ۾ ڏاڍي گهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ٿيندي هئي, جڏھن رات پوندي هئي ته گهر جي ڇت تي چڙھي ويندو هوس، جتي تيز واهوندي ۾ مٿان تارن کي ڏسندو هوس ته مون کي ننڊ ايندي هئي.
آئون زندگي جي سارن گهٽن گهيڙن کي لتاڙي پٺ تي موٽان ٿو ته مون کي زندگي ‘اُف’ لفظ ۾ سمايل نظر اچي ٿي، جيڪو لفظ اڻ مندائتي موت تي اوچتو نڪرندو آھي. ڪجھ وقت اڳ قتل ٿيل جوان جنهن جي زندگي ٿري ريتن رسمن، گيتن، وڻن، ولين ۽ سماج سان سلهاڙيل هئي. شھري پوليس هٿان انهن ڀٽن ڀر واري ڳوٺڙي ۾ گولين سان ماريو ويو، جنهن ۾ پره ڦٽي ويل فائرنگ جي آوازن ۾ نه فقط ڇيلڙن ڇرڪ ڀرياهئا پر پکي به پرڙا ساهي آهيرن تان اڏاڻا هئا. اڄ جڏھن ان جي امڙ جي جهانوريل اکين ۾ لڙڪ سڪي ويا آھن ته اتي واري جي واچوڙن ان جي اداس اکين ۾ اوڌان جا تھ چاڙھي رکيا آھن.
قانون ڪنهن به ڏوهي کي عدالتن جي ڪٽھڙي ۾ آڻي فيصلي ڪرڻ جو مجاز ضرور هوندو آھي پر قانون ڪنهن کي به اها اجازت ڪونه ٿو ڏئي ته ڪنهن بي ڏوهي يا ڏوهي کي ڏسندي ئي گولي هڻي ڇڏجي. هاڻي اهو مقتول جوان وسڪاري ويل ٿر جي ڪنهن اوچي ڀٽ تان کنڀيون کڻي گهر ته موٽي ڪونه سگهندو، پر سندس ماءَ جي اکين ۾ سندس اچڻ جو اوسيئڙو موجود ئي رهڻو آھي.
