قومي اسيمبلي ۾ خواجا آصف جي تقرير دوران  اپوزيشن  جو گوڙ، آپريشن بند ڪريو جا نعرا

Spread the love

قومي اسيمبلي ۾خواجا آصف جي تقرير دوران  اپوزيشن  جو گوڙ، آپريشن بند ڪريو جا نعرا، اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ، اجلاس ۾ گوڙ دوران خواجا آصف پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن تي وڌندڙ حملا اسان لاءِ شرم جوڳا آهن، سڀني کي ان تي متفق ٿيڻ گهرجي

اپوزيشن جي گوڙ سبب خواجا آصف پنهنجي تقرير روڪي ڇڏي، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه  جي چوڻ تي  خواجا آصف ٻيهر تقرير شروع ڪئي ته اپوزيشن ميمبرز چور چور  جا نعرا هنيا، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اسان آپريشن جي حمايت نه ڪنداسين، آپريشن لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي،ايپڪس ڪميٽي پارليامينٽ کان مٿانهين ناهي

جُون 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو