منھنجي پٽ جي علاج لاءِ منھنجي مدد ڪئي وڃي: مسمات نصيبان
نواب شاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) دولتپور جي ڳوٺ الله ڏنو ڀٽو جو رھواسي نوجوان 16ورھين جو حبدار علي پٽ حسين ڀٽو گذريل 8 سالن کان وٺي جيري جي مرض ۾ مبتلا، پي ايم سي اسپتال داخل، پيرسن امڙ پاران سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل،
ان سلسلي ۾ بيمار نوجوان حبدار جي پيرسن امڙ مسمات نصيبان سنڌ حڪومت کي اپيل ڪندي چيو ته پٽ ڪيتري وقت کان جيري جي مرض ۾ مبتلا آھي جنھن جي علاج تي 5 کان 6 لک روپيا ايندو، جڏھن ته مان غريب آھيان پٽ جي علاج لاءِ ايتري رقم ڪٿان آڻيان، ھن چيو ته گھر جو الھ تلھ سڀ وڪرو ڪري ڇڏيو آھي،
جڏھن ته ھن وقت کائڻ لاءِ به ڪجھ ناھي پٽ جو علاج ڪٿان ڪرايان، ھن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽ جي علاج لاءِ منھنجي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پٽ جي زندگي بچي سگھي.
جُون 23, 2024