سانگهڙ ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي خلاف سماجي اڳواڻ پاران آڪسيجن وارو ماسڪ پائي انوکو احتجاج

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي خلاف سماجي اڳواڻ پاران آڪسيجن وارو ماسڪ پائي انوکو احتجاج ڪيو، سرڪاري وڻن جي واڍي ٿي رهي آھي جنهن سبب گرمي جو درجو وڌي 50 تائين پهچي چڪو آھي، ان ۾ انتظاميه سڌي طرح ملوث آھي. عامر راجپوت.

سانگهڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڻن جي غير قانوني واڍي ۽ وڻن جي تعداد ۾ ڪمي سبب سماجي ورڪر عامر راجپوت پاران سول سوسائٽي سميت پروفيسر نواز ڪنڀر سان گڏجي هٿن ۾ ٻوٽا کڻي آڪسيجن وارو ماسڪ پائي انوکو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي انهن جو چوڻ ھو ته وڻن جي واڍي تيزي سان جاري آھي هاڻي اهو وقت اچڻ وارو آھي جو اسان کي زندھ رهڻ جي لاء مجبورن آڪسيجن جا ماسڪ پائڻا پوندا، هنن چيو ته چوٽياريون ڊيم ۽ ٻين مختلف علائقن مان وڻن جي واڍي جاري آھي، مبينه طور ڏيتي ليتي عيوض پوليس ۽ فاريسٽ آفيسرن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن،

انهن چيو ته فاريسٽ کاتي جي اربين رپين جي بجيٽ ڪرپشن جي نظر ٿي رهي آھي، پئسن عيوض وڻن جي ڪٽائي جاري آھي پر نوان وڻ نه پوکيا پيا وڃن ۽ وڻن جي پوکائي جو بجيٽ ھڙپ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏھن اهوئي حال رهيو ته وڻ اڻلڀ ٿي ويندا. هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ٽيمبر مافيا سان پوليس مليل آھي رات جي اونداهي ۾ ڪيتريون ئي ٽراليون ڀري ٽنڊو آدم ۾  وڪرو ڪيون وينديون آھن

جڏھن ته ٽنڊو آدم سرڪاري چوري جي ڪاٺي جي وڪري جو سنڌ ۾ وڏو مرڪزي شهر پڻ آھي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي. احتجاج جي آخر ۾ ڪجھ ٻوٽا پوکيا ويا ۽ وڻن پوکڻ لاء آگاهي پڻ ڏني وئي.

جُون 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو