دادو : بچل چانڊيو  پرائمري اسڪول بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  دادو تعلقي جي مک. هلندڙ اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري بچل چانڊيو سيميز ڪوڊ 402010532 کي بند ڪرڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن، والدين ۽ شاگردن جو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لياقت علي نائچ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي،

ڳوٺاڻن ۾ محمد بچل خان چانڊيو، محمد ياسين، تنوير علي چانڊيو، علي حسن چانڊيو، دريا خان چانڊيو، خان محمد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هي اسان جو اسڪول گورنمينٽ بوائز بچل خان چانڊيو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان مڪمل بند هو، جيڪو تڪ جي MPA بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر غلام رسول چانڊيو جي ڪاوشن سان کوليو ويو جنهن ۾ هڪ استاد پڻ مقرر ڪيو ويو هو،

مقرر استاد جي زبردست محنت سان هن اسڪول جي انرولمينٽ تيزي سان وڌي رهي آهي، پر افسوس ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر  هلندڙ اسڪول کي غير فعال ڄاڻائي مڪمل بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، اهڙي تعليم دشمني سان ٻهراڙين جي شاگردن جي هٿن ۾ قلم بدران هٿيار هوندا، اسين پنهنجن ٻچڙن کي باشعور شهري بڻائڻ چاهيون ٿا

 جيڪي وڏا ٿي پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جو نالو روشن ڪن ۽ ڳوٺاڻن اعلي اختيارن وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اپيل ٿا ڪيون ته Deo پرائمري پاران تعليم دشمن نوٽيفڪيشن رد ڪري ڪرپٽ آفيسر DEO پرائمري دادو کي هٽائي تعليم دوست آفيسر مقرر ڪري ڳوٺ بچل خان چانڊيو جي معصوم شاگردن جي تعليم بچائي وڃي.

جُون 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو