پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس مان 19 ايئر ڪنڊيشنر چوري

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس مان 19 ايئر ڪنڊيشنر چوري ٿي ويا.
ذريعن موجب 19 ايئر ڪنڊيشنر ايڇ ايم سي جي اسٽور مان چوري ٿيا ۽ چوري ڪيل ايئر ڪنڊيشنرز جي ماليت 70 لک رپيا آهي.
اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته چوري ۾ ٻه اسٽور ڪيپر ملوث هجڻ تي برطرف ڪيا ويا آهن.
انتظاميا موجب ايئر ڪنڊيشنرز جي چوري جي انڪوائري ڪئي وئي ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ اسٽورز ڪيپرز کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو.

جُون 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو