دادو: شھيد راڻي مُحترمہ بينظير ڀُٽو جي 71 هين سالگرهه ملهائي وئي
داد (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) شھيد راڻي مُحترمہ بينظير ڀُٽو جي 71 هين سالگرهه پير ھائوس ۽ دادو بار ۾ ڪيڪ ڪٽي ملهائي وئي، خبر موجب: پيپلز لائرز فورم دادو بار جي وڪيلن شفيع محمد ميمڻ، زيبا وگھيو ،
آرم سولنگي، ڪوڙا خان ميمڻ، انور ساھڙ ۽ ٻين پاران شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 71 سالگرھ جو ڪيڪ جيئي ڀٽو، جيئي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ ڪٽيو ويو،پيپلز لائرز فورم جي اڳواڻ وڪيلن شفيع محمد ميمڻ، شھمير خان چهواڻ، ميڊم زيبا وگھيو چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پارلياماني بالادستي ۽ استحڪام جمھوريت لاءِ تاريخي اڻ ٿڪ جدوجھد آھي،
شھيد محترمہ بينظير ڀٽو صاحبه کي 71 ھين جنم ڏينھن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، شھيد محترمه بينطير ڀٽو صاحبه ھميشہ پاڪستان جي حق خداريت لاءِ عملي سياسي ميدان ۾ رھي، پاڪستان جي مسڪين ماڻھن جو آواز بلند ڪندي رھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جمھوريت ئي بھترين انتقام واري فلسفي تي بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اڄ بہ پنھنجي راھ مشن تي روان دوان آھي.
ٻئي طرف شھيد بينظير ڀٽو جي 71 سالگرھ پير ھائوس تي پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شھمير خان چهواڻ،نويد عالم سومرو، صحافي سرور جلال سولنگي،ادل مھيسر ،ڪامريڊ نذير قمبراڻي، ايم عمر پنھور،جاويد اڪبر ميمڻ، وڪيل زيبا وگھيو ،
وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، حاجي لائق سولنگي، طاهر لغاري، مولاداد لنڊ دستگير چانڊيو، غلام حيدر کوسو، غضنفر شاهه،اسد شاهه، اويس شاهه، عبدالله کوکر محمد خان ڀنڊ، لياقت سومرو، مسعود سولنگي ۽ ٻين پاران ڪيڪ ڪاٽيو ويو، شھيد بينظير ڀٽو جي سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شھيد بينظير ڀٽو ملڪ نه پر دنيا جي ھڪ عظيم ليڊر ھئي جنھن جي سياسي جدوجھد جو سڄو محور عوام جي خدمت ڪرڻ ھو ۽ ھن ملڪ جي عوام جي ايتري ته خدمت ڪئي جو ملڪ جو عوام شھيد راڻي بينظير ڀٽو کي وساري نه سگھيو آھي
ھو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندھ آھي، ھنن چيو ته شھيد بينظير ڀٽو جون ھن ملڪ جي عوام لاءِ لازوال قربانيون آھن جنھن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي ھن ملڪ جي عوام خاطر شھادت قبول ڪئي مگر عوام دشمن قوتن آڏو نه جھڪي ھنن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شھيد بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي ھلندي عوام جي خدمت ڪري رھيو آھي ۽ اھو ڏينھن پري نه آھي ھو ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم ھوندو جيڪو ملڪ مان بيروزگاري مھانگائي ختم ڪري خوشحالي آڻيندو.
جُون 22, 2024