گودڙي ۾ گوھر رکندڙ اسحاق مڱريو
فاروق سومرو
ڪنھن فلمي ڪھاڻي وانگر ذھن فليش بيڪ ۾ ھليو ويو آھي ۽ انھن لفافن مان ئي ھڪ لفافي مان ھن وانگر ئي ھڪڙي منفرد ۽ يگاني خبر نڪري ٿي. عام رواجي احتجاج، گند جا ڍير، پاڻي جي کوٽ، انتظاميا خلاف شڪايت يا ڪنھن ذاتي مسئلي جي پريس ڪانفرنس بدران وڻن جي واڍي تي ڪا اسٽوري ھئي، جنھن ۾ ھن انھن جو درد پنھنجي لفظن ۾ بيان ڪري قتل عام جي شڪل ڏئي ڇڏي ھئي. نوي جي ڏهاڪي ۾ سيکڙاٽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندي مون انھيء اسٽوري کي ڪنھن رواجي خبر وانگر ٽريٽ ڪيو ھوندو پر جڏھن صحافت ۽ سماج ۾ سمجھ ڀريو ٿيس ته اسحاق سائين( مان کيس سدائين اسحاق سائين يا صاحب ٿي مخاطب ٿيندو ھئس) جو اھو تعارف مونکي سدائين ياد ڪرائيندو رھيو ته ھي ڪو عام رواجي صحافي يا قلم جو پورھيو ڪندڙ ناھي پر پنھنجي مٽي، ضمير ۽ فطرت سان جڙيل اھڙو قلمڪار آھي، جيڪو نه رڳو لفظن جي حرمت ۽ اھميت کي سمجھي ٿو پر گڏوگڏ پنھنجي قلم کي ان لا۽ استعمال به ڪري ٿو ۽ بي زبانن جي زبان بڻجي ٿو.
پندرنھن سال کن صحافت ڪندي اسحاق صاحب سان ڪڏھن به سڌي ريت ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو پر شناسائي ضروررھي. جڏھن سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽرشپ جي ذميواري ملي ته اسحاق صاحب انھن ھڪ ٻن ماڻھن منجھان ھو، جن کي گڏ کڻي ٽيم ٺاھڻ جو سوچي چڪو ھئس. پوء ايئن ئي ٿيو ته اسحاق سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ انھي نئين اخبار جو نيٽورڪ ٺاھڻ شروع ڪيو ۽ پوء اخبار جي جيڪا به ڪھاڻي آھي، انھي کان سڄي سنڌ نه ته به سنڌ ايڪسپريس جا ان وقت جا پڙھندڙ ۽ صحافت ۾ دلچسپي رکندڙ ضرور واقف ھوندا ۽ ان ۾ اسحاق صاحب جو وڏو ھٿ ھو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جڏھن به اسحاق صاحب کي ڪا اسائنمينٽ ڏيندو ھئس پوء بي فڪر ٿي ويھي رھندو ھئس. ياد ڪرائڻ جي به ضرورت نه هوندي ھئي. اسحاق صاحب پنھنجي صحافتي گودڙي مان اھڙا گوھر ڪڍي زماني آڏو رکيا، جن جي پرک زماني کي نه ھئي. پوء اھو سماجي اڳواڻ جمعو خان ٻٻر ھجي يا ڪاري کھي جا ملاح يا آرٽسٽ مانگي لال. سنڌ جو اھڙو ڪھڙو ھنڌ آھي، جنھن جو پنڌ ھن جي پيرن نه ڪيو ھجي. اڄ به واھي جا دوست شاھد آھن ته اسحاق انھن ڪجھ ماڻهن ۾ شامل ھو، جن واھي کان گورک تائين پنڌ سفر ڪري انھي ھنڌ کي رپورٽ ڪيو ھو. ھن ھر پنڌ مان ھر ھنڌ جون اھڙيون ڪھاڻيون ڳولي آنديون، جيڪي روزاني ھر ماڻھو جي اکين آڏو ھوندي به اوجھل ھونديون ھيون. جڏھن ھن جي قلم آھي ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون ته انھن ماڻھن کان به ڇرڪ نڪري ويندا ھئا، جيڪي انھي ڪھاڻي جي چؤطرف ھوندا ھئا تہ مار؛ اسان تہ انھي اک سان نه ڪڏھن ڏٺو ۽ نه ذھن اھو سمجھيو، جيڪو اسحاق جي قلم ڏيکاريو ۽ سمجھايو. ھو نج نبار ۽ فطرت سان عشق رکندڙ صحافي ھو، تنھن ڪري ھن جي صحافت جا موضوع به دريا، ٻيلا، زراعت، جھنگلي جيوت ۽ مٽي ھاڻا ماڻھو ھوندا ھئا. ايئن به ناھي ته ڪو سياست يا سماجيات تي ھن ڪم نه ڪيو پر ھن کي جيڪو مزو ۽ چس انھن شين کي رپورٽ ڪرڻ ۾ ايندو ھو، جيڪي فطرت جي ويجھو ۽ روايتي صحافت کان پري ھونديون ھيون. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اسحاق صاحب کي جڏھن ڪم ڪندي ڏسندو ھئس ته مونکي ايئن لڳندو ھو، ڄڻ ڪو الھڙ عاشق پھريون دفعو محبوبا سان ملاقات لا۽ پنڌ پيو ھجي. بي ڊپو به اھڙو جو جڏھن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ جي سلسلي ۾ تيزي آئي ته اخبار طرفان ھڪڙي تفصيلي اسٽوري جو سوچيوسين.۽ اسحاق صاحب اھو ڪم پنھنجي ھٿ کنيو. کنڀيل ڪارڪنن جو تعداد، ڪڏھن کان گم اھن، انھن جي خاندان جي ڪيفيت ۽ حالت، ڪھڙي نظريي سان لاڳاپيل آھن. اسٽوري تي ڪم ڪندي شايد وڌيڪ ماڻھن جي خبر هئي، جيڪي گم ٿيل ھئا ۽ انھن جو ذڪر نه ٿيڻ برابر ھو. مونکي چڱي طرح ته ياد ناھي پر تقريبن پنجاھ کن سياسي ڪارڪن ھئا، جن کي کنڀيو ويو ھو. انھي کانپوء ڪجھ دوستن گڏجي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ھئي، جنھن جي اڳواڻي جامي چانڊيو، مھيش ڪمار، امداد چانڊيو ۽ ٻين دوستن ڪئي ۽ تقريبن سڀني سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي ھئي.
اسحاق سائين سان ٻه ڏهاڪا ايئن گذريا جيئن گھرڀاتي ھروقت گڏ ھجن. ھن سان تعلق رڳو صحافتي نه ھو. گھر آمھون سامھون ھجڻ ڪري به ڏينھن رات گڏ رھياسين. خاندان توڙي سماجي خوشين کي ٻنھي خاندانن گڏجي انجواءِ به ڪيو ته ڏکن ۾ ھڪٻئي کي آٿت ڏيڻ لا۽ ٻانھون کليل ھونديون ھيون.
جڏھن ڪجھ سال اڳ اسحاق صاحب جو نوجوان پٽ گذاري ويو تہ انھي جي جنازي نماز ۾ وڃڻ وقت سوچڻ لڳس ته ھڪ پيء کي نوجوان پٽ جي وفات تي ڪيئن ۽ ڇا ته دلاسو ڏجي! انسان زماني جو ھر بار مسڪرائي پنھنجي ڪلھي تي کڻي سگھي ٿو پر نوجوان پٽ جي مڙھ جو بار دنيا جي ھر بار کان ڳرو آھي ۽ انھي بار به شايد ھن کي جھوري وڌو ھو پر دنيا کي لکا نه ڏنائين ۽ اندر اندر ڳرندو رھيو، جنھن جي خبر دنيا کي سندس موڪلاڻي سان پئي. اسحاق صاحب پٽ جون تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو. مونکي ڳالھائڻ ۽ آٿت ڏيڻ جي ھمت نه پئي ٿي. ڪجھ دوست آيا، دعا گهريائون ۽ اسحاق صاحب ان وقت ھڪ جملو چيو، جيڪو اسحاق صاحب جي ھن دنيا مان موڪلاڻي بعد منھنجي ڪنن ۽ ذھن ۾ ٻري رھيو آھي. اسحاق صاحب چيو ھو ته اولاد اکين جو ڍئو ھوندو آھي.
