فياض حسين عباسي ۽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو رات جي وقت سکر بئراج پهچي بئراج جي مرمت جو جائزو ورتو
سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو رات جي وقت سکر بئراج پهچي بئراج جي ٽٽل گيٽ جي مرمت جو جائزو ورتو.
تفييل موجب ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سان گڏجي رات دير سان سکر بئراج پهتو جتي ڪمشنر سکر کي بئراج انتظاميه پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي گهڻي ڇوڙ دوران تيز هوائن سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 ٽٽي ويو،
جڏهن ته گيٽ نمبر 44 پڻ متاثر ٿيو آهي، اهي ٻئي دروازا هڪ وڻ جي ڪرڻ سبب متاثر ٿيا آهن، انهن کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته متاثر ٿيل دروازن کي هٽائي پاڻي جي وهڪري کي گهٽ ڪري متبادل دروازو لڳايو ويندو.
جُون 21, 2024