سکر شهر ۾ طوفاني برسات کانپوءِ روڊ رستا ٻڏي ويا،برساتي پاڻي نيڪال جو نظام مفلوج بڻجي ويو
سکر(بيورو رپورٽ ) سکر شهر ۾ طوفاني برسات کانپوءِ روڊ رستا ٻڏي ويا،برساتي پاڻي نيڪال جو نظام مفلوج ٿي ويو، مختلف علائقن ۽ روڊن تي ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو، برسات سبب مسافر گاڏين سميت شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو۔ جو نظام پڻ مفلوج ٿي ويو.
ان سلسلي ۾ سکر ۽ ان جي آس پاس ۾ به مون سون جي برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ گذريل رات تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان شروع ٿيندڙ برسات سبب شهر جي مختلف علائقن، پراڻو سکر، تنگا اسٽينڊ، نمائش، شالميار روڊ، جيل موڙ، گهنٽاگھر، ريلوي ڪالوني، بندر روڊ۔مين سبزي منڊي ۽ ٻين ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪزن ۾ نيڪال جو نظام مفلوج ٿي ويو آهي، برسات جو پاڻي روڊن تي جمع ٿيڻ ڪري تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ٻئي طرف گذريل رات برسات جي پهرين بوند سان شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ برسات کان پوء بجلي جو معطل ڪيل نظام بحال ٿي ويو
جڏهن ته برسات کان اڳ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جا بهتر انتظام ڪرڻ جا سمورا پول پهرين برسات کولي ڇڏيا دعوائون سامهون اچي ويون۔هوڏاهن سکر واسين لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن مون سون جي برساتن کان رهواسي نقصان کان بچي سگهن۔
جُون 21, 2024